پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي تھ زرداري جو ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ قيامت جي نشاني آهي، زرداري ۽ سندس ساٿارين سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي.
کپرو ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي صدر عارف علوي چيو تھ هن وقت سنڌ جي حالت تمام خراب آھي ، سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي ڪا سهولت ناهي، مريض دوائن لاءِ تڙپندا رهن ٿا پر وزير ڪرپشن ۾ پورا آهن.
هن چيو تھ هاڻ سنڌ جي عوام کي وڌيڪ ڪرپٽ حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين ، نوازشريف کانپوءِ هاڻ زرداري جو احتساب ٿيڻ وارو آھي ، ملڪ جي ٻن اھم ادارن فوج ۽ عدليه جي نواز ليگ تذليل ڪئي آھي.
هن چيو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف عوامي پارٽي آھي ، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪري عدل انصاف جي حڪمراني قائم ڪنداسين
from Awami Awaz http://ift.tt/2BYwsde
via IFTTT http://ift.tt/2nG6lU5
No comments:
Post a Comment