Tuesday, February 6, 2018

نيوز : عاصمه راڻي قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ فواد چوڌري کي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ ڪوهاٽ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي عاصمه راڻي جي قتل جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري کي طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ عاصمه راڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته فواد چوڌري چوي ٿو ته اسان جي پوليس تمام گهڻي مثالي آهي، کيس طلب ڪيون ٿا ته جيئن خبر پئجي سگهي ته سندن پوليس ڪيتري مثالي آهي.

ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مجاهد آفريدي دبئي ۾ آهي يا وري سعودي عرب ۾ کيس خبر ناهي.

هن چيو ته کيس لڳي ٿو ته جوابدار مڪمل رٿابندي سان قتل ڪيو آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته متاثر خاندان جي ڪا فرياد موجود آهي؟ پوليس اختيارين جواب ڏنو ته جيڪڏهن عدالت چوي ته کين پيش ڪري سگهجي ٿو.

چيف جسٽس چيو ته پيش نه ڪيو اسان کيس عزت سان گهرائينداسين



from Awami Awaz http://ift.tt/2BYxd5U
via IFTTT http://ift.tt/2nETmls

No comments:

Post a Comment