حسين آزاد ميمڻ
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار 3 فيبروري 2018ع تي ، اسلام آباد ۾ عدالتي پاليسي ساز اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ، ته وڏن وڏن مانگر مڇن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، هن چيو ته عدليا پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته رياست ڌڏي ويندي . حقيقت به اها ته قانون جي حڪمراني کان سواء ڪا به قوم يا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ، جن ملڪن ۾ تڪڙو ۽ سستو انصاف هوندو آهي ، اهي ملڪ ۽ قومون اوتري جلدي ترقي جون منزلون طئي ڪنديون آهن ، انصاف انساني حقن مان بنيادي گهرج آهي ۽ انصاف جون گهرجون هر معاشري ۾ وڌيڪ محسوس ڪيون وينديون آهن ، جتي انصاف نه هوندو آهي اتي انارڪي ۽ انتشار وڌيڪ هوندو آهي ، سماجن جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو دارو مدار به انصاف تي هوندو آهي . انصاف جي تشريح هي به ڪري سگهجي ٿي ته ، هرفرد کي خوش ٿي جيئڻ جو حق آهي ، ان کي پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي شيون جيڪي انهي جي زندگي گذارڻ لاءِ لازمي آهن ، اهي انهي جو قانوني ۽ اخلاقي حق آهن ، اهي ان کي بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي ميسر هجن جنهن ۾ روزگار ، تحفظ ۽ هر فرد جي شخصي آزادي توڙي اظهار جي آزادي ،رهڻي ڪهڻي ، واپار ، محنت مزدوري وغيره شامل اچي وڃن ٿا ، اهي قانوني حق رياست جو فرض هوندو آهي ته پنهنجي عوام کي مهيا ڪري . جهالت جي دور ۾ انصاف صرف غريب عوام تي بادشاهن جي مرِضي جي مطابق حڪم هوندو هو . اڪثر ماڻهو انهن بادشاهن جو نه صرف غلام هوندو هئو پر انهن جي نوڪرن چاڪرن جي زيردست هوندو هئو ، عوام ويچارو پاڻ تي ظلم جا پهاڙ مقدر جي ميراث سمجهي ڪري ان کي برداشت ڪندو هو. پر هن جديد دور جي قانون ۽ انصاف جي تقاضا ٻي آهي جيڪا ڪيترن انقلابن کان پوءِ عوام پنهنجي لاءِ تعين ڪري سگهيو آهي . پراسان جي ملڪ ۾ هن وقت تائين قانون گهڻو ڪري بي پهچ ماڻهن تي لاڳو ٿيندو رهيو آهي ، پر انهن ڀوتارن ۽ طاقتور ماڻهن لاءِ قانون مشڪل سان ڪو ورلي سان ڪا ّظلم لاءِ رڪاوٽ بڻيو هجي ته ٺيڪ نه ته ايئن ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي، اڄ به اهي ڀوتار ۽ طاقتور ماڻهو انصاف جو مزاق اڏائيندي نظر آيا آهن . انصاف جو تقاضائون پوريون ڪرڻ به هڪ مشڪل ڪم آهي ، انصاف ۾ ثبوتن ۽ شاهدين جو وڏو هٿ هوندو آهي ، جيڪي صحيح نه ملڻ جي ڪري مظلوم کي انصاف نه ملي سگهندو آهي.
طاقتور ماڻهو ثبوتن ۽ شاهدن کي خريد ڪري پنهنجي حق ۾ شاهديون ڏياريندا رهيا آهن .هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ عدليا تي روڊ ن رستن تي نه صرف تنقيدون ٿي رهيو آهين پر عدليا جي جج صاحبن تي جانبداري جا الزام لڳي رهيا آهن ، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نااهل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ نواز شريف ۽ سندس وفادار ٽيم جج صاحبن کي نشانو بنايو آهي ، نواز شريف نااهل ٿيڻ کان پوءِ پنجاب جي هر شهر ۾ وڏا ميڙاڪا ڪري اهيو چئي رهيو آهي ته مون کي ڇو لاٿو ويو؟ هي اتي بس نٿو ڪري پر عدليا تي عمران خان جو سندن دادلو هجڻ جا الزام هڻي رهيو آهي . نواز شريف جو رويو عدليا ڏانهن جارحاڻو آهي ، نواز شريف اڳ ۾ به عدليا تي حملو ڪرايو هو پر پوءِ وري مافي ورتي هئي ، ان کان سواءِ نواز شريف جي ڌي مريم نواز به جج صاحبن تي پنهنجي پيءُ کي نااهل ڪرڻ جي باھ اندر مان ٻاهر آزادانه طور تي هر عوامي ميڙاڪي توڙي پريس ڪانفرنس ۾ ڪڍي رهي آهي . نواز شريف تي پاناما ڪيس جي هلڻ دوران عدليا تي سڀ کان پهرين تنقيد يا ان جي توهين پهرين نواز شريف جي وفادار نهال هاشمي ڪئي هئي ، جنهن کي هن وقت توهين عدالت جي سزا به ڏني وئي آهي ، نواز شريف تي ڪيس هلندڙ هئا ته نهال هاشمي آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ جج صاحبن کي موت جون ڌمڪيون ڏيڻ کان به ڪونه ڪيٻايو هو. نواز شريف هن وقت دانهون ٿو ڪري ته عدليا مان کيس انصاف ناهي مليو . پر ڪيسن جي هلڻ جي دوران نواز ليگ کي ڪهڙا پاٽيا پيا هئا جو هنن ججن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ باقائدگي سان هڪ ٽيم ٺاهي هئي ، جنهن ۾ دانيال عزيز، نهال هاشمي وغير عدليا تي ڪڙڪي پيا هئا . جنهن مان اڳ ۾ انهن کي پاٽيا پيا هئا ته سندن چوريون جهلجي پيو آهن ، ان ڪري عدليا کي لٺ ڏيکارڻ لاءِ اهي همرا ڪم کي جنبڙي پيا هئا ، ٻئي طرف هن وقت پ پ ۽ سندن نواجوان سربراھ به ڪڏهن ڪڏهن عدليا خلاف اڻ چٽو آواز اٿاريندو رهندو آهي ڇاڪاڻ ته کين سنڌ ۾ عدليا غير قانوني ڪم ڪرڻ لاءِ رڪاوٽ بڻيل آهي ، هن وقت سنڌ ۾ آءِ جي سنڌ ، اي ڊي خواجه تي حڪمرانن ۽ عدليا ۾ دنگل لڳل آهي ، اهو سنڌ جي حڪمرانن ڪيترا دفعا اي ڊي خواجا کي هٽائڻ ۽ سندس اختيار گهٽائڻ جي ڪوششون ورتيون آهن ، پر عدليا اهي سڀ انهن جو رٿا بنديون ناڪام ڪري چڏيون آهن ۽ اي ، ڊي خواجا کي وري ساڳي سنڌ جي ، آءِ جي ، جي پوسٽ تي بااختيار طور رکي ٿي . ٻئي طرف چيف جسٽس ثاقب نثارپنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو آهي ته ججن صاحبن کان ماضي ۾ غلطيون ٿيون آهن ، جنهن جو اشارو مولوي تمزالدين ڪيس ، ذولفقار علي ڀٽي جي ڦاسي ۽ ڊڪٽيٽرن اڳيان قانون کي ٽوڙي ، پي سي او تحت قسم کڻڻ ۽ فوجي حڪمرانن کي رليف ڏيڻ ، به شامل آهن ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جڏهن به فوجي حڪمران آيا آهن ته انهن عدل انصاف ۽ قانون کي پنهنجي پيرن هيٺان سمجهيو آهي ، ڇا ڪاڻ اهي قانون شڪن هئا ۽ قانون جي حڪمراني انهن کي حڪمراني ڪرڻ کان روڪيو رکيو ٿي جنهن ڪري انهن کي پنهنجي مرضي واروقانون گهرجندو آهي ، جيڪو اهي جج صاحبن کي، پي سي او تحت قسم کڻائي سندن خواهش مطابق هلڻ تي وڏيون مرائتون ۽ رعايتون ڏيندا رهيا آهن . جنهن ۾ ويجهي ماضي ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ چوڌري افتخار به شامل هو جنهن مشرف کان پي سي او تحت قسم کنيو هو ، پر بعد ۾ مشرف جي ڳالهھ نه مڄڻ تي پاڪستان جو هيرو ٿي ويو هو . جنهن کي ملڪ جي وڪيلن کان ويندي هر ننڍي وڏي سياسي پارٽي آزاد عدليا جي تحريڪ هلائي هئي ۽ کيس وري پي پي پي جي دودر حڪمراني ۾ ساڳي منصب تي ويهاريو هو. نواز شريف جي مسلم ليگ ان تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هئي ، افتخار چوڌري منصب تي ويهڻ سان سو موٽو جا ڪيس تمام گهڻا ورتا هئا ، ۽ ان دوران مرڪز ۾ پي پي پي جي سرڪارکي سو مو ٽو وٺڻ جي ڪري گهڻا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا هئا ، ان دوران عدليا جي توهين جي ڪيس ۾ اڳوڻي پي پي پي جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي وزارت اعظميٰ تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا هئا ، ان وقت اهي پي پي پي سرڪار طرفان به الزام ايندار رهيا هئا ته چوڌري افتخار حسين نواز شريف جو ماڻهو ٿيو بيٺو آهي ۽ ان جي خواهش طور پي پي پي جي سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏئي رهيو آهي ، بلڪه ڪم ڪونه ٿو ڪرڻ ڏي ، ان دوران نواز شريف عدليا کي آزاد ۽ قانون جي حڪمراني تي قائم انصاف سان تشبيح ڏيندو هو ، ڇاڪاڻ جو پاڻ اپوزيشن ۾ هو ، پي پي پي جي حڪومت کي عدليا طرفان ٽف ٽائم ڏيڻ تي هو خوش هو ، پر هن وقت کيس عدليا جانبدار ۽ ڪرپٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ڇاڪاڻ جو پاڻ عدليا جي فيصلي سان نااهل ٿي ويو آهي ، ۽ باقي ڪيسن کي عدليا ۾ پيش ٿيندو رهي ٿو ، هو به عدليا جي فيصلن کي متاثر ڌر ڪڏهن به دل سان عدل تي ٻڌل فيصلو ناهي مڃيندي ، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي خواهش مطابق فيصلو چاهيندا آهن ، جڏهن سندن خواهش پوري ناهي ٿيندي ته اهي پاڻ تي ظلم ۽ نا انصافي تي فيصلو سمجهندا آهن ،
سياست ۾ سياسي پارٽيون يا ماڻهو مخالف پارٽي جي ماڻهن کي پنهنجي اقتداري طاقت وسيلي سياست تان هٿ کڻائڻ يا ان جي مد مقابل نه ٿيڻ لاءِ ڪيسن جو سهارو وٺندا آهن . جيئن ماضي جا قصا انهن روئيداد مان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا آهن ، جيڪا پارٽي حڪمران هوندي آهي انهن جي انتظاميه تي پهچ هوندي آهي جنهن جي عيوض هو مخالف ڌر تي ڪوڙا ڪيس ڪرائي کين ٿڪائي ڇڏڻ جي وڏ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا آهن ، ته جيئن مخالف ڪمزور ٿي پوي ۽ اسان جي اڳيان سياسي طاقت ۾ اسان جهڙو نه ٿي يا ماڳهين اسان جي پيرن ۾ پئي مافي وٺي ۽ سندن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ته پوءِ کيس مافي ڏجي ، ان روش ۾ ڀوتارن ماضي ۾ خوب مزو ورتو هو ، جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ان ۾ ڀاڱي ڀائوار ٿيڻ هنن جو ڄڻ بنيادي حق هجي ۽ اهي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي هڪ پاررٽي مان ٻئي پارٽي شامل ٿي ويندا رهيا آهن ، کين مراعتون ۽ فائدا ساڳيا ملندا آهن ، پر صرف انهن تي ليبل ٻئي پارٽي جو هوندو آهي ، ۽ اڄ به جيڪا پارٽي جنهن صوبي ۾ حڪومت ٺاهيو ويٺي آهي ڀوتار ، جاگيردار ان پارٽي جو حصو آهن خصوصن سنڌ ۾ ته ڀوتارن حڪمراني جا مزا خوب ورتا آهن.
چيف جسٽس آف پاڪستان جناب ثاقب نثار اهو به چيو ته جمهوريت کي پٽڙي تان لهڻ ڪون ڏينداسين ۽ ڪا سازش نه پئي ٿي جمهوريت کي ڪجھ ٿيو ته عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس هن چيو ته عدالتون جي انصاف نه ڏينديون ته رياست جو توازن قائم رهي نه سگهندو ، عدالتون رياست جواهم ٿنب آهن ، حقيقت اها آهي ته انصاف وڏن مڇن کان وٺي ننڍين مڇين تائين لازمي آهي ، انصاف تڪڙو ۽ سستو رياست جي هر فرد جو بنيادي حق آهي پر اڄ ڏٺو وڃي ته اسان جي معاشري ۽ ملڪ ۾ مٿي ليول تي انصاف تي عدليا اڳ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي، پر هيٺين ليول تي اڃا به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ، خصوصن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪورٽن مان انصاف وٺڻ لاءِ وٽن نه پيسو آهي نه ڪا انهن جي پهچ آهي جنهن سان وڪيل ڪري انصاف حاصل ڪري سگهن ، ٻيو انصاف جي ملڻ ۾ دير هئڻ ڪري ماڻهو ڪورٽن جا چڪر ڪٽيو ٿڪجو پون ۽ مايوس ٿي عدليا جي دروازي کي کڙڪائڻ جي بجاءِ ڀوتار جي اوطاق تي جرڳا ڪرايا وڃن ٿا ، جيڪا نه صرف عدليا تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ٿي بلڪه ڀوتارڪي ۽ جاگيرداري ڪلچر کي هٿي ڏئي سماج ۾ هڪ بي چيني پيدا ڪئي وڃي ٿي ، عدل ۽ انصاف ڀوتارن ۽ جاگيردارن کان ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي ، ڀوتار ، جاگيردار ۽ سردار پنهنجي سرپئيچي ۾ جيڪي فيصلا ڪن ٿا اهي غير قانوني ۽ غير اخلاقي پڻ هوندا آهن ، جيڪي پنجاب کان ويندي سنڌ تائين اڄ به عام جام ٿي رهيا آهن ، سنڌ ۾ سردار ، جاگيردار گناھ به پاڻ ڪرائين ته منصف پاڻ ٿي بيٺا هوندا آهن جن وٽ غريب هاري مزدور ، پورهيت سندن نجي جيلن ۾ واڙيل هجي يا هٿرادو قرضن ۾ يرغمال ڪري کين سردار ، ڀوتار ، جاگيردار پنهنجو تاحيات غلام بنائي رکيو ويٺو آهي . اهي جاگيردار ۽ سردار ذاتين ۽ برادرين ۾ ماڻهن کي ورهائي پوءِ انهن کي انهن کي هڪ ٻئي ۾ وڙهائي خون ڪرائي پوءِ انهن جا ڪنهن تڪ جي با اثر ڀوتار جي سرپئيچي ۾ فيصلا ڪرائي ڪروڙن جي ٻولي ڳالهائي پيسا وٺي فيصلا ڪيا ويندا آهن ، جيڪي نه صرف قانون جوڌڄيون اڏائڻ برابر آهن .
افسوس ته سپريم ڪورٽ جو انهن جرڳن تي پابندي باوجود اهي ٿي رهيا آهن جيڪا سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين آهي ، جرڳا سسٽم هڪ استحصالي نظام آهي جيڪو ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي هي نظام سڌو سنئون انساني حقن جي پائمالي ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هن نظام تي ڀوتارن ، جاگيردارن ، سردارن جي هڪ هٽي هوندي آهي ۽ اهي تعليم ، شعور ۽ عورت جي خلاف هوندا آهن اهي ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته تعليم ، شعور ۽ عورت جي آزادي هجي ، هو معاشري کي پنهنجي خواهشن پٺيان هلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن جيڪي عورت کي ناحق قتل ڪري ڪاروڪاري جي نظريي هيٺ قتل ڪري ڇڏيندا آهن جنهن جي لاءِ سرپئنچي ۾ ڪا سزا نه هوندي آهي بلڪ عورت کي بي گناھ ڪارو ڪري مارڻ واري جي همٿ افزائي ڪري معاشري کي وڌيڪ گندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن ڪري اعليٰ عدالتن کي سنڌ ۾ پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ جرڳائي ڪلچر تي سو مو ٽو ايڪشن وٺڻ گهرجي . ٻيو انصاف کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ لاءِ سستو ۽ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ کپن ، ڪيسن جي تحقيقات يا جاچ جي مد ۾ پوليس ۽ شاهدن ڏيندڙن کي تحفظ مهيا ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ، مظلوم کي انصاف پهچائڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو عدليا مان وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪري ، ٻئي صورت ۾ غيراخلاقي جرڳا ۽ ڪرپت ڪوڙا سياستدان خامين جوڀر پور فائدو وٺي عوام کي عدليا جي خلاف گمراھ ڪندا رهندا ۽ سندن ڪرپشن ، ڦرلٽ کي نااصافي جي آڙ ۾ عوام جي بي وقوفي جو پورو پورو فائدو وٺي ، عدليا جا ماريل مظلوم بڻجي ٻيهر عام ماڻهو کان ووٽ وٺي وري به پنهنجي ڌنڌي سان لڳي ويندا.
from Awami Awaz http://ift.tt/2EoJ3vg
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J
No comments:
Post a Comment