Monday, February 5, 2018

الزامن تي ٻڌل ملڪي سياسي دنگل …!

سعيد احمد مڱريو

سياست عوام جي مفادن ، عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪئي ويندي آهي، سڌريل ملڪن  ۾ سياست عوامي فلاح بهبود ، ملڪي ڀلائي ، قومي ترقي سماج کي سڌار خاطر ۽ نوان قانون آڻن بابت سياست ڪئي ٿي وڃي ،  اتان جون سياسي پارٽيون ڏينهون ڏينهن عوامي ڀلائي جي لاءِ نوان نوان پرگرام  ٺاهن ٿيون ۽ ايندڙ نسل لاءِ ترقي ۽ سهولتن جا پروگرام متعارف ڪرائن ٿيون  ته جيئن  اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ عوامي حمايت ملي ۽  اڪثريت ۾ ووٽ وٺي  سرڪار جوڙيون . پر هتان  جي سياسي پارٽين جي سياست ڪرڻ جو اندازو ئي نرالو آهي ،  هتي ڪوڙ فريب ، الزام ۽ بدنيتي تي ٻڌل سياست ڪرڻ جو هڪ وڏو سلسلو جاري آهي ،  ڪنهن تي سياسي تنقيد ڪري سگهجي ٿي پر اها به اخلاق جي دائري ۾ هتي وڏن وڏن عوامي مڙاڪن ۾ هڪ ٻئي تي  الزامن جي ڀر مار آهي ، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ئي اهو واحد سياستدان رهيو جنهن پنهنجن جلسن ۾ عوام جي آڏو عوامي ۽ ملڪي مفادن جي ڳالهه ڪئي باقي ان کان پوءِ جيڪي به سياسي تبديليون آيون آهن يا سياسي پارٽيون جڙيون انهن اڄ تائين ڪنهن به سياسي ميڙاڪي ۾ عوامي تقرير نه ڪئي آ ، متان ڪنهن ڳالهايو به هجي جيڪا منهنجي علم ۾ نه آهي ، هتي ڪجهه عرصي کان  بي معنيٰ الزامن جي سياست ڪئي ٿي وڃي جيڪا ملڪي مفادن جي بلڪل ابتڙ ۽ جمهوريت دشمن جي مفادن ۾ آهي،  هن سياسي الزامن جي دنگل ۾ فاٿل عوام اڄ انهن جي بي مقصد تقريرن کان بيزار ٿو نظر اچي ڇو جو  ترقي ۽ عوامي خوشحالي بابت هتي ڪا ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي ، جيئن ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ ته تمام گهڻو ڪجهه ڳالهايو ٿو وڃي ، عوامي جلسن ۾ سٺي تقرير ڪرڻ سٺا لفظ ڳالهائڻ سان سياستدانن جي سياسي قد ڪاٺ تي وڏو فرق پوندو آهي ، پر هتي ڪجه ابتڙ آهي! سياست کي گندو ڪري اخلاقيات جو جنازو ڪڍي ڇڏيو اٿن ، هڪ ٻئي کي ڪوڙو ، ٺڳ ، ڪرپٽ ، نااهل ، دوکيباز  ۽ مٿن ٻيا ڪئي انيڪ قسمن جا الزام هڻي سياسي دٻ دٻو قائم ڪيون ويٺا آهن.

هاڻي جيئن ئي اليڪشن ويجهي ويجهي اچي رهي آهي ته الزامن جا دائرا به وڌندا ٿا وڃن اهڙي صورتحال ۾ وري گهڻي قدر سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي ڪئي سياسي تبديلون پئي نظر ٿيون اچن ،  هڪڙا اتحاد ڊهن ٿا ۽ ٻيا وري ٺهن ٿا، وري سياسي پارٽين جي جلسن جلوسن جا رخ پنجاب ۾ ئي آهن ، اهو ان جي لاءِ ئي جو جنهن جي اڪثريت پنجاب مان ايندي  پوءِ امڪان آهي ته اهو مرڪز ۾  سرڪار ٺاهي سگهي ، ٻيو جيڪڏهن سنڌ جي سياسي صورتحال ڏسون ته اڃا تائين پي پي پي کي شڪست جا امڪان نظر نه ٿا اچن ان مان پي پي پي هتي وري مستقبل ۾ پنهنجي سرڪار جوڙي سگهي ٿي .

بحرحال هتي طويل عرصي کان اهو ڏٺو ويو آ ته سياست هڪ ملاکڙو آهي جتي عوام جي آڏو ساز ايڪو سائونڊ لڳائي پاڻ به نچيو وڃي ٿو ۽ عوام کي به نچايو وڃي ٿو ، اهڙي قسم جا ملاکڙا اسلام آباد جي روڊن رستن کان وٺي سنڌ جي روڊن رستن تائين  ملن ٿا ، ڪٿي نعتن تي رڪس ٿو نظر اچي ته ڪٿي سازن تي پر هي سڀ ڪجه ٿيل قوم جي هٿن جو آ ، جتي سياسي لاشعوري هوندي آ اتي اهڙي قسمن جا ملاکڙا ٿيندا آهن ، هتي اهڙي قسم جا هل هنگاما ڪري عوام  کان پنهنجي حمايت ورتي ٿي وڃي  پر اها به خبر هجڻ کپي ته هتي سياسي رنگ روپ تبديليون سانڊي جيان ئي ٿينديون آهن جنهن جو رنگ تبديل ٿي سگهي ٿو ،  آخر تائين ڪابه ڪنهن کي خبر  نه هوندي آ ته ڪنهن جو ڪٿي پلڙو ڳرو آ.

هتي سياسي وايومنڊل ڪنهن باطني قوت جي ئي هٿن ۾ هوندو آ ڇو جو هتي اقتدار جي ڪرسي ٺيڪي تي ملندي آ ان جي ڪري ڪنهن سياسي پارٽي کي پاڻ تي ڪو اعتبار نه هوندي ئي انتشار ۽ الزامن تي ٻڌل عوام جي سامهون تقريريون ٿا ڪن ،  اهڙي اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هتي ويڙهاند  ، گاريون ڏيڻ هڪ ٻئي تي الزام هڻن جو سلسلو تڏهن ئي ڏينهن ڏينهون وڌندو ٿو وڃي  ۽ هي  انارڪي ۽ الزامن جي سياست ايندڙ وقت ۾ جمهوري پسند ڌرين کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون ،   ڇو ته اقتدار عوام جي خدمت لاءِ هوندو آ ، جيڪڏهن الزامن جو سياسي دنگل رهيو ته ٿي سگهي ٿو ته  چونڊن کان اڳ ۾ ڪا ٻئي به  صورتحال پيدا ٿي سگهي …؟ پر جيڪڏهن گارين ۽ پٽڪو لاهڻ جي سياست رهي ته …! باقي سنجيدگي ۽ عوام جي مفادن جي سياست ڪئي وئي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته جمهوري نظام هڪ مضبوطي جي طرف وڃي  باقي جيڪڏهن اهو ئي حال رهيو ته  پوءِ ايئن نه ٿي جو وري  اليڪشن کان پوءِ  جيڪا پارٽي اقتدار ۾ اچي ۽ ماضي وانگر  وري ٻئي پارٽي ڌرڻن، رستا روڪ جو سلسلو شروع ڪري ۽ ماضي وانگر هر سرڪار پنهنجي اقتدار جو اڌ حصو  ڌرڻن کي منهن ڏيڻ ۾ ئي گذاري ته ڪنهن   عدالتي چڪرن ۾، جيڪڏهن هن وقت به ڪنهن پارٽي   پنهنجي مزاج ۾ تبديلي  نه آندي ته پوءِ  ماضي وانگر ئي هي سياسي ويڙهاند ٿيندي رهندي ڇو ته هاڻي سياسي بحران هتي بگڙيل ٿو نظر اچي ، ڪي سياسي پارٽيون عوام جي حمايت کي پنهنجو اقتدار حاصل ڪرڻ تي اعتبار ٿيون رکن ته ڪي اندريون ليول ادارن جي سپورٽ سان  اقتدار کي حاصل ڪرڻ تي يقين ٿيون رکن،   پر ڪنهن به ڌرجو جمهوري نظام کي برقرار رکڻ ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ وارو  مثبت قدم  عمل ۾  نظر نه ٿو اچي  سموريون سياسي ڌريون هڪٻئي جي ڪم کان غير مطمئن ۽ الزام تراشي جي ور چڙهيل آهن،

هر سياسي پارٽي جي ليڊر جو موقف ٻئي پارٽي تي الزام آهي ته هي ڪرپٽ آ ان جي سياست ملڪي مفاد ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه آهي ،  پر اها ڪوشش ڪنهن جي به نه آهي ته هن وقت عوام  کي مونجهارن مان ڪيئن  ڪڍجي، جڏهن ته عوام مهانگائي، ڪرپشن، ناانصافي، بدانتظامي، غيريقيني ۽ انتظامي نااهلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سرڪاري ادارن ۾ عوام کي ملندڙ خدمتون غير معياري ۽ نه ملڻ جي برابر آهن، جمهوري حڪومت هوندي به عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ جمهوري ۽ عوامي تعلق نظر نه اچي رهيو آهي، اهو ان جي لاءِ ئي جو هر هڪ سياسي ڌر رڳو هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ مصروف آ جيڪڏهن ملڪ جي سياست الزامن گارين هڪ ٻئي کي غلط ثابت ڪرڻ تي ئي رهي ته پوءِ  ڊڪٽيٽرشپ وارو نظام ئي مقدر بڻبو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2saGZCj
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J

No comments:

Post a Comment