سپريم ڪورٽ انساني سمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي فوري طور طلب ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ انساني سمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته گوجرانوالا ۾ انساني سمگلنگ جا مسئلا آهن.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ادارن جا پاڻ ۾ مدد جا مسئلا آهن، چيف جسٽس گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي فوري طور طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته گجرات، لالا موسيٰ، سرائي عالمگير ۽ منڊي بهاوالدين ۾ انساني سمگلنگ جو ڪم ٿيندو آهي، ماڻهو ڪٿان ڪٿان پئسا وٺي ٻارن کي پرڏيهه موڪليندا آهن پر هاڻي انساني سمگلنگ جو ناسور ختم ڪرڻو آهي.
چيف جسٽس چيو ته پنجاب حڪومت کي حڪم ڏينداسين ته ايف آءِ اي کي گوجرانوالا ۽ گجرات آفيس ۾ سهولتون ڏين
from Awami Awaz http://ift.tt/2BZ2tSc
via IFTTT http://ift.tt/2nG6mY9
No comments:
Post a Comment