تل ابيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حڪومت هزارين آفريقي شهرين کي هلندڙ سال جي مارچ مهيني جي آخر تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي حڪومت 2 مهينن جي اندر هزارين آفريقي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، آفريقي شهرين کي سرڪاري خط ملڻ شروع ٿي ويا آهن جنهن ۾ اسرائيلي حڪومت پناهه گيرن کي رضاڪاراڻي طور تي واپسي جي ٽڪيٽ ۽ ساڍا 3 هزار ڊالر في فرد ڏيڻ جي به آڇ ڪئي آهي. اسرائيلي اميگريشن طرفان جن ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن انهن کي مارچ جي آخر تائين اسرائيل ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي نه ته کين جيل موڪليو ويندو ۽ پوءِ حتمي طور تي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. نيتن ياهو حڪومت جي ان فيصلي کي آفريقي شهرين کان سواءِ اسرائيلي ۽ عالمي انساني حقن جي گروپن به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسرائيلي حڪومت غير اخلاقي رويي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2s9R16P
via IFTTT http://ift.tt/2GRats4
No comments:
Post a Comment