مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته بندوقن ۽ ظلمن سبب ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي چيڀاٽي نٿو سگهجي اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اسان سري نگر جي آزادي جو جشن ملهائينداسين. مظفر آباد ۾ مسلم ليگ ن جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته منهنجو دل نه رڳو مصنوعي ليڪي جي پريان وسيل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪندو آهي پر منهنجين رڳن ۾ به ڪشمير جو رت آهي، جيڪو ڌڪ والاريل وادي جي ڪشميرين کي لڳندو آهي ان جو سور مون کي محسوس ٿيندو آهي. مريم نواز چيو ته هاڻ وقت تبديل ٿي چڪو آهي. ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي جبر سان نٿو دٻائي سگهجي، دعا ڪيو ته اهو ڏينهن ضرور اچي جڏهن اسان سري نگر ۾ ڪشمير جي آزادي ملهايون. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ آزاد ڪشمير جو عوام مسلم ليگ ن تي ڀرپور اعتماد جو اظهر ڪندي ڪنهن مخالف کي هڪ سيٽ به کٽڻ نه ڏيندو، هتان جو عوام ميان نواز شريف ۽ شينهن سان گڏ آهي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2ser4Dg
via IFTTT http://ift.tt/2GQc41F
No comments:
Post a Comment