اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاق جي بندوبست هيٺ قبائلي علائقي (فاٽا) ۾ عالمي اين جي اوز طرفان بنا ان او سي جي منصوبا شروع ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سيفران واري وزارت فاٽا سيڪريٽريٽ کان فاٽا ۾ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي اوز جي تفصيل طلب ڪندي هدايت ڪئي وئي آهي ته فاٽا ۾ عالمي غير سرڪاري تنظيمن طرفان بنا اين او سي جي شروع ڪيل منصوبا رولز آف بزنس جي ڀڃڪڙي آهي. سيفران واري وزارت ايڊيشنل سيڪريٽري فاٽا کي اهم نوعيت تي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه منصوبا اسان جي نوٽيس ۾ آڻڻ کان سواءِ شروع ڪيا ويا ۽ ان لاءِ باقاعده اجازت نامو ( اين او سي ) به ناهي ورتو ويو. فاٽا سيڪريٽريٽ ان حوالي سان سمورا تفصيل ڏئي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2E3MVOS
via IFTTT http://ift.tt/2EG8Ywb
No comments:
Post a Comment