Tuesday, February 6, 2018

فاروق ستار کي ڪالهه چماٽ هنئي وئي: سلمان مجاهد بلوچ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪالهه فاروق ستار کي چماٽ هنئي وئي، پي آءِ بي ۽ بهادر آباد ۾ قيادت موجود آهي پر ٻنهي هنڌن تي ڪارڪن نه پهتا. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سلمان مجاهد بلوچ چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙي بندي جو عمل 22 آگسٽ کانپوءِ تيزي سان شروع ٿيو، اها چونڊن يا خدمت جي نه پر ڪجهه ماڻهن جي مفادن جي ويڙهه آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم قيادت ڪراچي جي مسئلن تي ڳالهه ڪري ها ته شهري انهن کي پنهنجو نمائندو تسليم ڪن ها پر اڄ ماڻهو پي ايس پي کي اميد جو ڪرڻو سمجهي ڏسي رهيا آهن، هاڻ ايم ڪيو ايم جو سج لهي ويو آهي، تنهن ڪري ماڻهو پاڪ سرزمين پارٽي ڏنهن واجهائي رهيا آهن. هن چيو ته ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪالهه فاروق ستار کي چماٽ هنئي وئي، عامر خان جي صورت ۾ جيڪو نئون ڌڙو سامهون آيو آهي، ان ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي اتحاد جي مخالفت ڪئي هئي.27



from Awami Awaz http://ift.tt/2EJpFHh
via IFTTT http://ift.tt/2E6PFuU

No comments:

Post a Comment