اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ دوائن جي ريٽيل اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي حڪومتن جي زور ڀريو ويو ته ڪمند جي آبادگارن کي رقم جي ادائيگي ۾ ذميواري پوري ڪئي وڃي ۽ کين طئي ڪيل اگهه موجب ادائيگي ڪرائي وڃي. وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر شيخ اختر حسين جي سي اي او ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي طور مقرري سان گڏوگڏ ڊرگ پاليسي تحت دوائن جي ريٽيل قيمتن ۾ گهٽتائي جي به منظوري ڏني. ان کانسواءِ اجلاس ۾ مختلف عدالتن جي ججن جي مقرري جي منظوري به ڏني وئي. وفاقي ڪابينا ڪوثر عباس زيدي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج طور مقرري جي منظوري ڏني، جڏهن ته خواجا وجيهه الدين کي بئنڪنگ ڪورٽ پشاور جو جج مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ بئنڪنگ ڪورٽ پشاور جي جج محمد نسيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ واپسي جي منظوري به ڏني وئي. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ بهاولپور قائم ڪرڻ جي منظوري سان گڏوگڏ سڌ سماءَ واري وزارت پاڪستان ۽ تاجڪستان ريڊيو وچ ۾ سهڪار جي ايم او يو جي منظوري به ڏني.27
from Awami Awaz http://ift.tt/2nQkDAu
via IFTTT http://ift.tt/2E2sRR4
No comments:
Post a Comment