Tuesday, February 6, 2018

ڪي پي پوليس منشيات ۽ گاڏيون چوري ڪرڻ جو ڪاروبار ڪري رهي آهي: راڻا ثناءَ الله

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ڪي پي پوليس منشيات ۽ گاڏيون چوري ڪرڻ جو ڪاروبار ڪري رهي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته اسماءَ قتل ڪيس ۾ پنجاب فارنزڪ ايجنسي کي 145 نمونا موڪليا ويا جنهن مان ڊي اين اي ميچ ڪري ڪي پي کي موڪلي وئي آهي. هن چيو ته اسما ۽ عاصمه جي قتل ڪيس ۾ ڪي پي پوليس نااهلي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، آءِ جي ڪي پي اسما ڪيس ۾ گهر وارن کي يرغمال بڻايو، بنو جيل کان عاصمه قتل ڪيس تائين ڪي پي پوليس ۾ ڪٿي تبديلي آئي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان رڳو تبديليءَ جا قصيدا پڙهي رهيو آهي.  راڻا ثناءَ الله چيو ته ڪي پي پوليس منشيات ۽ گاڏيون چوري ڪرڻ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي، ڪي پي جي هر ٿاڻي سان ورڪشاپ موجود آهن جتي پنجاب مان چوري ٿيل گاڏيون آنديون وينديون آهن.  هن چيو ته آصف علي زرداري لاهور ۾ ننڍڙي جلسي ڪئي، جنهن دوران ڪريل ڳالهيون ڪري عمران خان کي به پوئتي ڇڏي ويو. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جي پارٽي جي سياسي اوقات سڀني سامهون آهي، بلوچستان حڪومت ڪيرائڻ جو اعتراف آصف زرداري جي ڳچي ۾ پئجي ويندو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nMVaIx
via IFTTT http://ift.tt/2E4rnpp

No comments:

Post a Comment