Tuesday, February 6, 2018

چين پاڪستان کي فلمسازي ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين پاڪستان کي فلمسازي ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چين جي اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف پريس، پبلي ڪيشن، ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن جي نائب وزير ٽونگ گانگ سان ملاقات ڪئي. چيني نائب وزير چيو ته فلم جي شعبي ۾ چين پاڪستان سان سهڪار ۽ پنهنجي تجربي مان فائدو پهچائڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ڀائراڻا لاڳاپا دنيا لاءِ هڪ مثال آهن، چين هن وقت 700 ساليانو فلمون ٺاهي رهيو آهي.  سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب فلم جي شعبي ۾ چين طرفان سهڪار جي آجيان ڪندي چيو ته اميد آهي ته ان سلسلي ۾ جلد باقاعده ٺاهه ٿي ويندو. هن چيو ته موجوده حڪومت فلم پاليسي جوڙي رهي آهي ۽ فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ مراعتن ۽ پيڪيج جو به اعلان ڪيو آهي.  سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هاڻي بهترين فلمون ٺهي رهيون آهن پر ان شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ چين سهڪار جو خواهشمند آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2EL9wBg
via IFTTT http://ift.tt/2E67qdM

No comments:

Post a Comment