Monday, February 5, 2018

نااهلي نواز شريف جي نفسياتي عارضي جو سبب بڻجي وئي آهي: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجان فواد چوڌري چيو آهي ته ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار بدران اڄ به نواز شريف روئڻ شروع ڪيو، سندس نااهلي نفسياتي عارضي جو سبب بڻجي وئي آهي. مظفر ڳڙهه ۾ نااهل وزير اعظم نواز شريف جي تقرير تي رد عمل ڏيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪشمير جي وزارت جو خواب ڏسڻ لڳو آهي، هو ڄاڻي ٿو ته 10 سالن ۾ ڪيترا ڪشميري ڀارتي ظلم جي ور چڙهي ويا. هن چيو ته نااهلي نواز شريف لاءِ نفسياتي عارضي جو سبب بڻجي وئي آهي، اهي لنڊن جاچ جو ذميوار به عدليه کي قرار ڏيندا، ڇا جاچ خلاف نواز شريف لنڊن ۾ احتجاج ڪندو؟ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف لاءِ اهو عبرت جو مقام آهي ته هو پنهنجي حڪومت ۾ دربدر آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nIi57u
via IFTTT http://ift.tt/2E2hMzA

No comments:

Post a Comment