ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪامران ٽسوري کي سينيٽر بڻائڻ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ فاروق ستار هڪ دفعو ٻيهر پارٽي کان ناراض ٿي ويو.
سينيٽ جي اليڪشن جي ورڇ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ اها ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي.
پي آءِ بي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهيءَ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي، ڪامران اختر، وقار شاهه شرڪت ڪئي.
ٻيو اجلاس بهادر آباد ۾ عامر خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد، امين الحق، فيصل سبزواري، وسيم اختر، نسرين جليل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪامران ٽيسوري کي ٽڪيٽ ڏيڻ چاهيندو هو جنهن تي اختلاف پيدا ٿيا.
عامر خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪامران ٽيسوري کي پارٽي مان فارغ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ٻئي طرف فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پارٽي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ، ڪجهه ڏينهن اندر هڪ وڏو ۽ اهم اعلان ڪندس، ماڻهن جي من پسندي نه هلندي
from Awami Awaz http://ift.tt/2E3nCwp
via IFTTT http://ift.tt/2EL7Wzk
No comments:
Post a Comment