ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
وڏڙن جون ڪهاوتون ۽ قول، چوڻيون ۽ پهاڪا اجائي لفاظي ڪو نه هوندا آهن پر انهن ۾ صدين جو اجتماعي مشاهدو، تجربو ۽ حڪمت هوندي آهي. ان ڪري ئي ته لسانيات ۽ سماجيات جا ماهر چوندا آهن ته هر هڪ لفظ کي پنهنجي تاريخ ٿئي ٿي، پس منظر ۽ پيش منظر ٿئي ٿو.
چوندا آهن ته ”ڪانءَ کي اچي لڙ ۾ مزو“ اها ڳالهه اسان جي موجوده صورتحال تي سورنهن آنا ٺهڪي اچي ٿي. ڪو واچوڙو آهي جو ڦرڻ کان بس ئي ڪو نه ٿو ڪري، ڪنهن جا ڍينگها ڍيري ٿو ڪري ته ڪنهن جا پٽڪا لاهي پٽ ٿو ڪري. هن حالت ۾ ڪنهن جا وات پٽجي ويا آهن ته ڪن جون اکيون کلي ويون آهن، جاڏي ڪاڏي لڙ لڳو پيو آهي. ڪورٽن جي درن تي سياستدانن جا هجوم لڳا پيا آهن، ايڏا ڪي ڏوهه ڪيا اٿن ۽ اهڙي ڪا ڀينگ ڪئي اٿن جو سندن جتيون ئي هاڻي ڪورٽن ڏي ايندي ويندي گسجي ويون آهن. عوام جي اندر جا آواز آهن، جيڪي اهڙيءَ ريت قبول ٿيا آهن جو اڪثر سياستدان پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ آتا آهن.
هڪڙا همراهه ڪورٽن جي ايوانن ۾ آهن ته ٻيا رليون پائي، مونن ۾ منهن وجهي صبر ۽ تحمل جا پيالا پيئڻ ۾ مصروف آهن. سندن جهڙوڪ گوگاءُ ئي ڪو نه ٿو ٻڌڻ ۾ اچي. شايد واچوڙي جي وحشت ۽ دهشت کان ڊڄي ويا آهن، اهي لاهوتي جيڪي لاهور ۾ گهڙيءَ پلڪ لاءِ خوابن جا خزانا کڻي گڏ ٿيا آهن، انهن مان ڪي لاهوت لڏي وڃي ويٺا ته ڪي پنهنجي لفظن ۽ واعدن تان ڦري ويا. ڪن پارليامينٽ تي لعنتون وڌيون ۽ ڪن استعيفائون ڏيڻ جا اعلان ڪيا. پر جهڙوڪ اهو سڀ ڪجهه خواب ۾ چيائون ۽ ڪيائون، جيڪڏهن سچيءَ پچيءَ ۾ چيائون ته ڪنهن قوت جهڙوڪ سمندبانڊ سان سندن منهن بند ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڌماچوڪڙيءَ ۾ جيڪو آيو، سو خاموش ٿي ويو. اها وٺ پڪڙ هئي ته مسلم ليگ (ن)، بلڪ نواز-گهراڻي کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ پر اها سياسي ڳوٽ سمورين موافق ۽ مخالف پارٽين جي جهولين ۾ ٽانڊو بڻجي پئجي وئي. ڪنهن جي جيت ڪا نه ٿي ويندي نواز گهراڻي تائين، سڀني هارايو. اها جهڙوڪ سڀني لاءِ اقتدار جي مسند ماڻڻ لاءِ انٽري ٽيسٽ هئي. ڪي ڪاپي ڪيس ۾ پڪڙجي ٻاهر نڪتا ته ڪن تان اهو امتحان ملتوي ڪري پيغام ڏنو ويو ته اهڙو امتحان وري به وٺجي سگهجي ٿو. ان ڪري پنهنجون ڪوڙيون ڊگريون ڦاڙي ڦٽي ڪريو ۽ احسان مند ٿي باقي وقت گذاريو، اهو جيڪو لڙ ٿيو، ان مان ڪانون کي ئي مزو آهي.
طاهر القادريءَ جي واپسي ۽ استعيفائون ڏيندڙن جي استعيفائن ڏيڻ کان نابري ڪو معجزو نه پر ڪنهن قوت ۽ طاقت جو اثر ۽ رنگ آهي. انهيءَ صورتحال مان واضح ٿئي ٿو ته واڳ هنن سياستدانن جي هٿ نه پر ڪنهن ٻي طاقت جي هٿ ۾ آهي. اها طاقت ايتري ته سگهاري ۽ ڀاري آهي جيڪا هنن کي اشاري سان اٿاري ۽ ويهاري سگهي ٿي.
مون هن ئي اخبار ۾ ۽ هنن ئي ڪالمن ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا اها ڳالهه چئي آهي ته چونڊ ٿيڻ کان شطرنج جي مهرن مٽائڻ ۽ واڪ ڏيڻ جو ماحول پيدا ٿيندو آهي. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ ڪنهن کي لٺ ڏيکاري ويندي آهي ته ڪنهن کي چٺ ڏيکاري ويندي آهي. ڪن کان امتحان ورتا ويندا آهن ته ڪن جي هٿن ۾ لولي پاپ ڏنو ويندو آهي. جيڪو ڏٺو وائٺو وڌيڪ تڪليف ۾ هوندو آهي. ان سان بارگينگ ڪئي ويندي آهي، هن وقت جهڙوڪ نواز ليگ وڏي وٺ پڪڙ ۾ آهي، مون اڳ به چيو آهي ۽ هاڻي به لکان ٿو ته جيڪڏهن هن پارٽيءَ سان اقتدار ڏيندڙ ۽ ڇندڙن جي بارگينگ ٿي ۽ پارٽي کي حڪمرانيءَ جو وارو مليو ته ملڪي سياست تي ان جي جاگرافي ۽ ڪلچر تي اڻ مٽ اثر پوندا. هيءَ ئي پارٽي اقتدار ۾ آهي ۽ آمريڪي حڪومت جون لڪ ڇپ ۾ ڊپلوميسيءَ ذريعي هن سان ئي ڳالهيون ٿين ٿيون. هن ئي گهراڻي جي ماڻهن کي خاص جهاز موڪلي گهرايو ۽ ڳالهايو وڃي ٿو. هن ئي پارٽي سگهارين ڌرين کي ڇڏي فقط عدليا تي ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، اهو پس منظر ۽ ان جو ٿيندڙ پيش منظر اسان کي ذهن مان ڪڍڻ نه گهرجي.
وري چئجي ته ڪو ڪانءُ آهي، جنهن کي لڙ مان مزو پيو اچي ۽ انهيءَ لڙ ۾ في الحال ڏٺو وائٺو عمران خان اينڊ ڪمپني به لهس هيٺ آهي، خيبر پختونخواهه صوبي ۾ پوليس جو ڪردار ۽ ترقياتي ڪم هاڻي عمران خان جي حريفن جا موضوع بڻجي ويا آهن ۽ خاص طور تي پوليس جي ڪردار تي عدليا طرفان به ويچار اچي چڪا آهن. هن سان گڏ عمران خان پارليامينٽ خلاف لعنتون وجهڻ واري عمل سان سياسي ناپختگي جو مظاهرو ڪري پاڻ کي ڇيهو رسائي چڪو آهي. ويتر هن جو اهو چوڻ ته کيس مرشدن ڪريمن استعيفائون نه ڏيڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي، اهڙيءَ ڳالهه ڪيترن خدشن کي جنم ڏنو آهي ته جيڪڏهن عمران خان اقتدار ۾ اچي ويو ته ملڪ سندس مرشدن ڪريمن جي هدايتن ۽ استخارائن تي هلندو ۽ نه ڪي عوام جي خواهش ۽ ضرورتن پٽاندڙ ئي هلندو.
هن صورتحال ۾ پيپلز پارٽي وڏي هوشياريءَ ۽ خاموشيءَ سان پنهنجا سياسي ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي. بلوچستان ۾ حڪومت جي تبديليءَ کان وٺي سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن تائين هن پارٽيءَ جو ايئن ئي انڊر گرائونڊ ڪردار رهندو. هن پارٽي جي سياسي اثر پذيري في الحال ايوانن تائين محدود آهي، سنڌ يا پاڪستان جي عوامي ايجنڊا تي ڳالهائڻ في الحال پارٽيءَ جي سياسي ايجنڊا جو اهڙو اسم ڪونهي جنهن تي تڪڙو قدم کڻي.
ملڪي سياست جي هيءَ ٽه مورتي: عمران خان، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ڳالهائڻ ۾ عوام ان وقت ايجنڊا طور شامل ٿيندو، جڏهن چونڊن ٿيڻ لاءِ ڀير تي ڏونڪو لڳندو. ان ڪري في الحال اهي ٽئي پارٽيون هڪ ٻئي جا لغڙ ڪاٽا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. البته نواز ليگ وٽ سگهاري ڌر، يعني نواز شريف جي نالي ۾ هن وقت موضوع فقط عدليا آهي پر ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو ته ٿورن ڏينهن اندر حالتون اهڙيون پيدا ٿين جو هو انهيءَ موضوع تي ڳالهائڻ وقت ڪي قدر احتياط کان ڪم به وٺڻ شروع ڪري.
ملڪي صورتحال جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي صورتحال جهڙوڪ نرالي نظر اچي ٿي. هتي نه ته ڪو لڙ آهي ۽ نه ڪي ڪانءُ. چپ چاپ ۽ خاموشي ڇانئي پئي آهي. سنڌ دوست قوتون پڪ ئي پڪ ڪنهن اڻ تڻ ۾ هونديون. لڳي ٿو ته هتي هر ڪو مونن ۾ منهن وجهي پنهنجي سوچ ۽ لوچ کي نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ ڏيڻ ۾ مصروف آهن پر جيڪا ڳالهه سندن ڌيان تي آڻي سگهجي ٿي اها هيءَ آهي ته جيئن جيئن چونڊن جو وقت ايندو ته ماڻهن کي ٻين مسئلن ۾ منجهايو ويندو ته جيئن اهي سياست تي سوچڻ، سنڌ دوستن کي ٻڌڻ بدران پاڻ بچائڻ ۽ پنهنجي مسئلن ۾ پورا هجن. جهيڙن جو ٻج ڇٽيو ويندو، چوريون ۽ زوريون وڌي وينديون، ذاتين پاتين تي زنگ چاڙهيو ويندو، ڪوڙي آنا ۽ اجائي معتبرائپ تي اختلاف پيدا ڪيا ويندا ۽ اهڙا کوڙ سارا سماجي مسئلا ۽ مونجهارا بي پاڙي ول جيان ماڻهن کي وڪوڙي ويندا، پوءِ هتي به لڙ ٿيندو ۽ ڪانون کي انهيءَ لڙ مان پيو مزو ايندو.
from Awami Awaz http://ift.tt/2BHNqB1
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J
No comments:
Post a Comment