Monday, February 5, 2018

سينيٽ چونڊون ۽ ملڪ جي ٽڪنڊي سياست

رياض ابڙو

عام چونڊن اچڻ کان اڳ سينيٽ جي چونڊن پاڪستان جو سياسي وايو منڊل  تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي، ن ليگ، تحريڪ انصاف کان ويندي ق ليگ تائين ننڍن وڏين پارٽين پنهنجون معمول کان وڌيڪ سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن، هونئن ته  بلوچستان ۾ ن ليگ جي وڏي وزير  نواب ثناءُ الله زهري کي هٽائي ق ليگ جي عبدالقدوس بزنجي کي وڏو وزير چونڊرائي حقيقت ۾ سينيٽ جي چونڊ سرگرمين جو بنياد رکيو ويو هو، سياسي کيڏاري چئي رهيا آهن ته ان تبديلي پٺيان  مفاهمت جي بادشاهه آصف علي زرداري جو هٿ آهي جنهن نواز شريف کي واضح پيغام ڏنو ته آصف زرداري چاهي ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

بلوچستان ۾ آيل تبديلي نواز ليگ کي نه صرف پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر شريف خاندان جا ڪن به ڳاڙها ڪري وڌا آهن، بلوچستان جي تنظيم سازي تي سنڌ جيان ڌيان ڏيندڙ نواز شريف کي اهو الڪو ضرور  ٿيڻ  لڳو آهي ته هي همراهه جيڪي هٿ ڌوئي ڪڍ پيو آهي ائين نه ٿئي ته ڏسندي ڏسندي سينيٽ جي چونڊن ۾ به سندن ٻاٽا ملي ڇڏي.

هونئن به هن ملڪ جي سياست گول  ڦرندي رهي ٿي،  سياسي وايو منڊل ڪڏهن هيٺ  ٿيندو  رهيو آهي ته وري ڪڏهن مٿي ٿيندو رهيو آهي، پر هينئر ملڪي سياست ٽڪنڊو رخ اختيار ڪري ورتو آهي، يعني پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ  تي ٻڌل ٽه رخي سياست ملڪ جي ميدان  تي نظر اچي  رهي آهي. اهي ٽئي جماعتون آهن جن جو اثر رسوخ ٿورو يا گهڻو چئني صوبن ۾ آهي. هي وفاقي پارٽيون جلسا ڪري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن.

اهي وفاقي جماعتون هڪ ٻئي  کي گهٽ ڏيکارڻ، هڪٻئي خلاف نازيبا الفاظ ڳالهائي الزامن جي بوڇاڙ ڪري ڪرپشن جا الزام هڻي سياسي سڪو اڇلائي پنهنجي منشور جي ساراهه ڪرڻ ۾ رڌل آهن، نواز شريف، مريم نواز ۽ شهباز شريف جلسن ۾ آصف علي زرداري ۽ پ پ سان گڏ عمران خان ۽ سندس پارٽي خلاف سخت جملي بازي ڪن ٿا، عمران خان به ايندڙ ڏينهن جلسو ڪري وري نواز شريف، شهباز شريف کان ويندي آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائيندو آهي ته اهي ٻئي ههڙا تهڙا آهن ملڪ ۽ نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو اٿئون، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجن جلسن ۾ وري ساڳي روايت ورجائيندي ٻنهي پارٽين ۽ سندن سربراهن کي ست سريون ٻڌائيندا آهن، ته نواز شريف ۽ عمران خان ٻئي سياسي ناسمجهه آهن، نواز شريف دوکيباز  آهي سدائين ڦاسندو آهي ته پيرن  تي ڪري پوندو آهي ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ  شينهن ٿي ويندو آهي. ڪپتان کي سياست جي خبر ئي ناهي هو وڃي ڪرڪيٽ کيڏي.

مطلب ته هن ٽڪنڊي سياسي ميدان تي جنهن جو به جلسو ٿيندو باقي ٻن مخالف سياسي پارٽين جي سربراهن  خلاف گار گند جي روايت جاري رهندي، الائي جي ڇو اسان جا سياستدان  ڪا اخلاقيات، ضمير يا سياسي مدبري جو مظاهرو نه ٿا ڪن، صرف هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنهنجي ڪارڪنن کي جلسن ۾ جذباتي ڪري هليا وڃن ٿا. اهي ساڳيا اڳواڻ آهن  جيڪي  ملڪ جا بادشاهه ٿيندا، جن کي سلاميون ڏنيون وينديون.

ملڪي سياست ۾ مٿي کان هيٺ تائين نه ته ڪي اصول رهيا آهن ۽ نه وري ڪي آدرشن رهيا آهن، فقط ايترو ضرور  ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته منشور زبردست ٺهيل هوندا آهن جيڪي شيشي ۾ مڙهائي رکيا وڃن ٿا. سياسي پارٽين جي منشورن ۾ جيڪي ڪجهه لکيو وڃي ٿو ان تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي. اهو ته اوچتو ئي پتو پوي ٿو ته فلاڻي همراهه جا اثاثا اربين کربين رپين جا آهن،  ڪي ارب پتي ٿيندا وڃن ٿا ته غرق پتي بڻجي چڪا آهن، پر عوام جي اها حالت ٿي چڪي آهي جو ڳڀي ٽڪر ۽ پاڻي پتي لاءِ واجهائي رهيو آهي.

نواز شريف هر هر اهو چئي رهيو آهي ته مجهي ڪيون نڪالا، آصف زرداري موٽ ۾ چئي ڏنس ته ميان صاحب تون ڌرتي تي ٻوجهه بڻجي چڪو آهين ان ڪري توکي ڪڍيو ويو، اهڙي سياسي وايومنڊل ۾ عوام جو آخر ڇا ٿيندو ؟ عوام جي ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ئي ناهي هر ڪو پيو پنهنجا پنهنجا ڪارڊ استعمال ڪري. ڪو پنجاب ڪارڊ پيو استعمال ڪري، ڪو وطن ڪارڊ، ڪي اسلام ڪارڊ استعمال ڪري رهيا آهن ته وري ڪي سنڌ ڪارڊ کي  استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

لاش تي سياست جو سلسلو به جاري آهي، ان لاءِ جيڪو ڪارڊ ڪئنڊا کان گهرايو ويو هو اهو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو.   طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي  جي شهيدن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ پ پ، پي ٽي آءِ  سميت ننڍين وڏين پارٽين کي گڏ ڪري لاهور  ۾ جلسو ڪيو پر هن جيڪا دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ پاسي هو آصف زرداري کي ويهاريندو ۽ ٻئي پاسي عمران خان کي گڏ ويهاريندو، هو ٻنهي کي گڏ ويهارڻ ۾ نه صرف ناڪام ويو پر  جلسي ۾ ماڻهو  گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو جنهن کان پوءِ سڄو وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو، جنهن ڳالهه کان نواز شريف  ۽ شهباز شريف پريشان هئا اها پريشاني پنهنجو پاڻ حل ٿي وئي.

ڏسجي ته عام چونڊن کان اڳ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪير ڪيترا سينيٽر چونڊرائي سگهي ٿو، ان جا اثر ايندڙ عام چونڊن تي به ضرور پئجي سگهن ٿا، سينيٽر چونڊن لاءِ ڪي نوٽ استعمال ڪري رهيا آهن ته ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن، ن ليگ وارن به پنهنجي ماڻهن تي ٻيهر هٿ رکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري شهباز شريف  سيالوي  کي به راضي ڪري ورتو آهي هاڻي شريف خاندان تان ڪجهه  بار هلڪو ٿيو آهي پر اڃان مڪمل طور ختم ناهي ٿيو.

نواز شريف ۽ مريم نواز عدالت کي جيڪو تقريرن ۾ نشانو بڻائي رهيا آهن ان تي ماڻهن کي حيرت آهي ته  عدالتون ايڏن وڏن بيان باوجود خاموش ڇو آهن ؟ ن ليگ جي اڳواڻ سينيٽر  نهال هاشمي کي عدالت توهين عدالت جي هڪ مهيني جي سزا ٻڌائي چڪي آهي، طلال چوڌري ۽ دانيا عزيز کي عدالت طلب ڪري ورتو آهي پر پوءِ به ن ليگ وارا  اعليٰ عدالت جي ججن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. ڇا نواز شريف ۽ مريم نواز جون تقريون  ڪٿي اڳواڻن کي همٿائي ته نه رهيون آهن.



from Awami Awaz http://ift.tt/2Eo8ugw
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J

No comments:

Post a Comment