بدين ڀرسان سانگھڙ ۽تلھار پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪري هڪ عورت کي گرفتار ڪري کڻي وئي.
پوليس ڳوٺ خير محمد کوسو تي چڙهائي ڪري يوسف کوسو جي گھر واري صاحِب خاتون کوسو کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي، عورت جي کير پياڪ ٻارڙي عابد کوسو جي حالت انتھائي خراب آھي.
مسمات صاحِب خاتون جي نياڻي لال پري خير النساءُ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو ته بنا ڪنھن ڏوھ جي سانگھڙ پوليس ۽ تلھار پوليس اسان جي ماءُ کي ھڪ گونگي عورت جي اغوا ڪيس ۾ کڻي وئي آھي.
هن ضلعي جي اعليٰ عملدارن ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ سندن امڙ کي آزاد ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي
from Awami Awaz http://ift.tt/2E1n5iK
via IFTTT
No comments:
Post a Comment