Monday, February 5, 2018

نيوز: ٺٺو: مشهور ڍولڪ نواز پاران سرڪاري سهائتا نه ٿيڻ خلاف انوکو احتجاج

ٺٺو ۾ سنڌ جي مشهور ڍولڪ نواز سرڪاري خرچ تي علاج نھ ٿيڻ ۽ سندس پٽ کي نوڪري نھ ڏيڻ خلاف پ پ جي شهيد قائدين جا گيت ڳائي انوکو احتجاج ڪيو.

ماتلي واسي مشهور ڍولڪ نواز استاد مٺو مڱڻهار پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڍولڪ وڄائي پ پ جي باني شهيد اڳواڻن جي شان ۾  قومي گيت ڳائي انوکو احتجاج ڪندي چيو ته هوُ نه صرف ڍولڪ نواز آهي پر پ پ سان پڻ پراڻو تعلق آهي.

هن چيو تھ  ايم آر ڊي تحريڪن ۾ جيل ڀوڳيا ،  ڍولڪ تي سنڌ جي مشهور راڳين استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف، مٺو ڪڇي، عابده پروين سميت ٻين جو  ساٿ ڏنو پر اڄ آئون ڪاري سائي جي بيماري ۾ مبتلا آهيان جڏهن ته منهنجو نوجوان پُٽ پڙهيل لکيل هجڻ باوجود بيروزگار آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nJybhp
via IFTTT

No comments:

Post a Comment