Tuesday, February 6, 2018

قومي ايڪشن پلان سست رفتاريءَ جو شڪار آهي: نيڪٽا سربراهه جو اعتراف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت قومي اداري جي سربراهه احسان غني چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان ۾ مذهبي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاءِ سڀ کان گهٽ ڪم ڪيو ويو جڏهن ته نفرت جوڳي تقريرن جي معاملي تي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هڪ انٽرويو ۾ نيڪٽا سربراهه احسان غني چيو ته افغان پناهگيرن جي واپسي تي به اعليٰ سطح تي ڳالهيون هلي رهيون آهن جڏهن ته ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارن تي ڪم سستي رفتاري جو شڪار آهي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان جي ڪجهه حصن تي اطمينان جوڳو ڪم ٿيو  جڏهن ته ڪجهه سست رفتاريءَ جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ شيڊول فور ۾ شامل ماڻهن  جا پنج هزار اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته 300 ملين رپيه منجمد ڪيا ويا آهن. احسان غني چيو ته عالمي سطح تي پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ صوبن جي ذميواري آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تي روح موجب عمل نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڳجهن ادارن طرفان نيڪٽا سان سهڪار نه ڪرڻ جو تاثر درست ناهي، مدرسن کانپوءِ هاڻي عبادتگاهن جي جيو ميپنگ جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سڄي ملڪ مان هر مذهب ۽ فرق جي عباتگاهن بابت تفصيلي ڊيٽا جمع ڪئي ويندي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2BcmcRF
via IFTTT http://ift.tt/2BJab7z

No comments:

Post a Comment