Tuesday, February 6, 2018

بالي ووڊ سپر اسٽار اجي ديوگن جي نئين فلم ” ريڊ“ جو پهريون ٽريلر جاري

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اجي ديوگن جي نئين فلم ” ريڊ“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. اجي ديوگن جي نئين فلم 80ع جي ڏهاڪي ۾ انڪم ٽيڪس چورن خلاف ڪاررواين تي ٻڌل آهي. فلم ۾ اجي ديوگن هڪ ايماندار انڪم ٽيڪس آفيسر امي پاٺڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو لکنئو جي طاقتور ترين شخص تائوجي خلاف ڇاپا هڻي ٿو. هدايتڪار راج ڪمار گپتا جي فلم ۾ اجي ديوگن سان گڏ  الينا ڊي ڪروز ۽ سورڀ شڪلا پڻ اهم ڪردار ۾ اچي رهيا آهن. اجي ديوگن جي نئين فلم هلندڙ سال 16 مارچ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2E6917s
via IFTTT http://ift.tt/2nNEq3D

No comments:

Post a Comment