ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاڀ بچن جي پٽ اڀيشن جي 42 هين سالگره ملهائي وئي، اميتاڀ بچن سندس ننڍپڻ جون يادون مداحن سان شيئر ڪيون. اميتاڀ بچن پنهنجي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اڀيشڪ بچن جي اهڙن ڏينهن کي ياد ڪيو جڏهن هو فلم جي شوٽنگ ڏسڻ لاءِ ساڻس سيٽ تي ويندو هو. اميتاڀ بچن لکيو ته ڪو سيٽ جي ڏاڪڻين تي ويٺو آهي، سندس 2 آڱريون سندس منهن ۾ آهن، وار بي نيازي سان مٿي تي پيل آهن ۽ هن هڪ گرم جيڪٽ پهري رکي آهي ۽ هو خاموشي سان پنهنجي والد کي شوٽنگ ڪرائيندي ڏسي رهيو آهي. اميتاڀ بچن لکيو ته وڏو ٿيڻ باوجود اڀيشڪ بلڪل تبديل نه ٿيو آهي پر هاڻي اڳ کان وڌيڪ خاموش ٿي ويو آهي ۽ ڊگهو پر سندس عادتون اڃا بلڪل ساڳيون آهن. اڀيشن بچن هن وقت جيئن تي آسٽريليا ۾ آهي تنهن ڪري اميتاڀ بچن پنهنجي پٽ کي سالگره مبارڪ ڏيڻ لاءِ اتان جي ٽائيم زون جي چونڊ ڪئي ۽ ٽوئيٽر تي اڀيشڪ کي دعا ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهارڪيو. اميتاڀ بچن لکيو ته هڪ وقت هو جڏهن مان سندس هٿ پڪڙي هلندو هيس ۽ هاڻي هو مون کي رستو ڏيکاريندو آهي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2E3td5X
via IFTTT
No comments:
Post a Comment