Monday, February 5, 2018

سانگهڙ: رينجرز جي گاڏي سان حادثو، هڪ سپاهي فوت، 4 زخمي

سانگهڙ(ويب ڊيسڪ) سانگهڙ شهر ۾ شهدادپور روڊ تي رينجرز جي گاڏي سان حادثو پيش اچڻ سبب هڪ سپاهي فوت ٿي ويو جڏهن ته 4 سخت زخمي ٿي پيا. حادثو سانگهڙ-شهدادپور روڊ تي الوحيد ڪانٽي ڀرسان پيش آيو جڏهن رات جو گشت تي موجود رينجرز جي گاڏي روڊ ڀرسان بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي پئي. حادثي ۾ سپاهي عظمت الله خان فوت ٿي ويو ۽ چار جوان سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي پهرين سانگهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو تنهن هوندي اتي سهولتون ميسر نه هئڻ سبب زخمين کي نواب شاهه اماڻيو ويو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2DYkphF
via IFTTT

No comments:

Post a Comment