ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ” پدماوت“ 200 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪري ڀارتي باڪس آفيس تي تاريخ لکي ڇڏي آهي. هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم پدماوت جو تڪرار پابندين ۽ هنگامي کانپوءِ جهڪو ٿي ويو آهي جنهن ۾ اهم ڪردار ڀارتي عدليه جي فيصلن جو آهي جنهن سبب ڀارتي انتها پسند احتجاج واپس وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. دپيڪا پدوڪون جي فلم پدماوت ڪيترين ئي رياستن ۾ پابندي باوجود باڪس آفيس تي تيزيءَ سان ڪمائي جا رڪارڊ ٺاهي رهي آهي. فلم ڀارت ۾ نمائش جي 11 ڏينهن دوران 212 ڪروڙ 50 لک جو ڪاروبار ڪري ڪروڙين رپين جي ڊبل سينچري ڪري ورتي آهي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2nJSOda
via IFTTT
No comments:
Post a Comment