سائو پائولو(ويب ڊيسڪ) برازيل جي ماهرن هڪ اهڙو سادو بايو سنسر بڻايو آهي جيڪو رڳو اڌ ڪلاڪ ۾ مليريا جي سڃاڻپ ڪري سگهندو ۽ ان سنسر کي حمل ٻڌائيندڙ سادي ٽيسٽ جيان استعمال ڪري سگهجي ٿو. طيف نگاري ( ڪروماٽو گرافي) جيان بڻايل اها پٽي (اسٽرپ) ڪنهن به شخص ۾ فوري طور تي مليريا جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو. دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته جيڪڏهن ان کي متاثر شخص جي ٿُڪَ يا رت جي نموني ۾ ٻوڙيو وڃي ته هي فوري طور تي مليريا کان خبردار ڪري سگهي ٿو. هن وقت مليريا جي سڃاڻپ ڪندڙ جيترا به ٽسٽ آهن اهي کان ٽن ڏينهن ۾ مليريا جي هئڻ يا نه هئڻ جو پتو لڳائيندا آهن.
from Awami Awaz http://ift.tt/2E51S7t
via IFTTT
No comments:
Post a Comment