Monday, February 5, 2018

والاريل ڪشمير ۾ جغرافيائي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا قبول ناهي: خرم دستگير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج انساني حقن جي پامالي ۽ جغرافيائي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا قبول ناهي، ڀارتي فوج انساني حقن جي ڏوهن ۾ ملوث آهي والاريل ڪشمير ۾ ملٽري ۽ پيرا ملٽري ظلم ۽ تشدد ڪيا پيا وڃن. بچاءَ واري وزير خرم دستگير ايوان صدر ۾ يوم ڪشمير جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪمشيري عوام سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن ۾ سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي. هن چيو ته ڀارت طرفان سيز فائر ڀڃڪڙين ۾ واڌ رهي آهي. هنن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته پاڪستان جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، پاڪستاني فوج ۽ پاڪستاني قوم پاڪستان جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، 2016ع ۾ ڀارت 382 ڀيرا ۽ 2017ع ۾ ڀارتي فوج سيز معاهدي جون 1800 ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪيون معاهدي جي ڀڃڪڙين سبب 52 شهري شهيد ٿيا.



from Awami Awaz http://ift.tt/2scvSJ8
via IFTTT http://ift.tt/2GRIXL0

No comments:

Post a Comment