Tuesday, February 6, 2018

نيوز : ڪوٽڏيجي: پوليس جي  ڳوٺ تي چڙهائي، پورهيت کنڀي گم،احتجاج

ڪوٽڏيجي  ڀرسان  پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري  زميندار جي پٽ کي گرفتار ڪري کڻي وئي،  وارثن پوليس جي اهڙي عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٻر وڏا ۾ پوليس اٽالن زميندار غلام شبير ٻٻر جي اٽي جي چڪي تان سندس پٽ  فضل چانڊيو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي مظاهرين  عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو تھ  پوليس بنا جواز چڙهائي ڪري اٽي جي چڪي تي ستل غفار چانڊيو کي کنڀي کڻي وئي.

 هنن وڌيڪ چيو تھ  پوليس اٽي جي چڪي تان پنجاھ هزار روڪ رقم،  4ڪڪڙ ۽  هڪ موبائل فون کڻي وئي آهي.

هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وسوارن  کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ کڻي گم ڪيل غفار چانڊيو کي ظاهر ڪرايو وڃي ۽روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس  ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………….



from Awami Awaz http://ift.tt/2E4G3Ry
via IFTTT http://ift.tt/2EM6s7C

No comments:

Post a Comment