بئنڪاڪ ( ويب ڊيسڪ ) ٿائلينڊ ۾ پي آءِ اي جي ايئربس جهاز جي حفاظتي معيار جو اوچتو معائنو ڪيو آهي. ٿائلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪ جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي ايئر بس جهاز جي حفاظتي معيار جو اوچتو معائنو ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي سي اي او مشرف سول سيان ايئر بس جي حفاظتي معيار جي چيڪنگ جي اوچتو تصديق ڪندي چيو ته پي آءِ اي پنهنجي جهازن ۽ مسافرن جي حفاظتي معاملن تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي آهي، مسافرن کي محفوظ سفري سهولتن جي فراهمي اسان جي ذميواري آهي، پي آءِ اي جو شعبو انجنيئرنگ جهازن کي مينٽينس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مشرف رسول سيان چيو ته بئنڪاڪ جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي ايئر بيس جهاز جي حفاظتي معيار جو اوچتو معائنو ڪيو ويو ۽ جهاز ۾ ڪو به نقص نه پهتو جنهن تي ٿائي سول ايوي ايشن اٿارٽي پي آءِ اي جي حفاظتي معاملن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2E7s9On
via IFTTT http://ift.tt/2EL1c4m
No comments:
Post a Comment