دنيا جي گولي تي اگر جنت آهي ته اها ڪشمير آهي اهي لفظ هر ان شخص جا آهن جنهن ڪشمير کي ڏٺو ۽ پڙهيو آهي .
5 فيبروري پوري دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجتي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي
ان جو مقصد ڪشمير جي مظلوم ماڻهن تي ٿيندر ظلم ۽ بربريت خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ عالمي دنيا کي اهو پڻ ٻڌائڻ آهي ته ڪشمير جو مسئلو جيئن جو تيئن آهن .
ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ 1930 کان شروع ٿي جيڪا اڄ به موجود آهي .
گڏيل هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ ڪشمير ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهي .
1947 کان هيئر تائين ڪشميري پنهنجي آزادي ۽ مختياري لاءِ ڪيترين ئي جانين جي قرباني ڏئي چڪا آهن .
ڪشمير جي آزادي ۽ خودمختياري بابت گڏيل قومن جي اسمبلي ۾ ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون پر افسوس جو انهن قردادن تي عمل نه ٿي سگهيو .
ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جاري آهي جيڪا پوري دنيا جي انساني حقن جي علمدار تنظيم ، فورم، ۽ پاڻ انسانن لاءَ افسوس جوڳو عمل آهي
from Awami Awaz http://ift.tt/2E413vW
via IFTTT
No comments:
Post a Comment