Tuesday, February 6, 2018

” مون کي ڇوڪري ملي وئي آهي“ سلمان خان جو ٽوئيٽ

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ دبنگ سلمان خان کي ڇوڪري ملي وئي آهي، اهڙو اعلان هن پاڻ ٽوئيٽر تي ڪيو آهي. سلمان خان جو شمار ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي پرڪشش ڪنوارن ۾ ٿيندو آهي 52 ورهين جي عمر هئڻ باوجود اڄ تائين هو پنهنجي لاءِ ڪا ڇوڪري ڳولي نه سگهيو آهي پر سندس گهر وارن ۽ پرستارن جي خواهش آهي ته سلمان جلد کان جلد شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃي.  سلمان خان جي تازو ڪيل ٽوئيٽ مان لڳي ٿو ته هو شاديءَ لاءِ سنجيده ٿي ويو آهي. سلمان خان هڪ ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته مون کي ڇوڪري ملي وئي آهي. سلو ميان جا چاهيندڙ اهو ٽوئيٽ ڏسندي چاهيندڙ پرجوش ٿي ويا ۽ کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ٿوري دير کانپوءِ هڪ وڌيڪ ٽوئيٽ ڪندي سلمان خان ڇوڪريءَ جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته مون کي پنهنجي لاءِ نه پر آيوش شرما جي فلم لو راتري لاءِ ڇوڪري ملي وئي آهي. آيوش شرما سلمان خان جي لاڏلي ڀيڻ ارپيتا جو مڙس آهي ۽ هو کيس لو راتري لاءِ لالي ووڊ ۾ متعارف ڪرائي رهيو آهي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2E84TjC
via IFTTT http://ift.tt/2EKHANW

No comments:

Post a Comment