سارنگ پيرزادو
اسين جنهن دور ۾ رهون ٿا تنهن کي اهو اعزاز مليل آهي ته سائنس ۽ ٽئڪنالاجي هن دور ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي جو جيڪي شيون پهريان ناممڪن لڳنديون هيون هاڻ اهي عام ٿي ويون آهن ميديڪل سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو هر طرح جي بيمارين جا علاج ته ڳولهي لڌا اٿئين پر ان سان گڏ انسان جي جسم جا بيڪار عضوا به مٽائي هن کي وري صحتمند ڪرڻ به عام ٿي ويو آهي جيڪو ڪنهن وقت ۾ انسان سوچي به نه پيو سگهي ته ائين به ٿي سگهندو، ٽئڪنالاجي به ايتري ترقي ڪئي آهي جنهن سبب اسين روز نيون گاڏيون موٽر پيا ڏسون پهريان آٽو گاڏيون آيون جن ۾ گيئر جو سسٽم آٽوميٽڪ هو ماڻهو کي گيئر مٽائڻ جي ضرورت نه پئي پوي وري هاڻ ٻڌون ٿا ته اهڙي گاڏي ايجاد ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ڊرائيور جي به ضرورت ناهي گاڏي پاڻ ئي هلندي ۽ اوهان کي منزل تائين پڄائيندي ان گاڏي ۾ اها به حس موجود هوندي جو هو ڪنهن به سامهون ايندڙ شئي کي ڪجھ فاصلي تي ئي محسوس ڪندي ۽ پاڻ ئي بريڪ لڳائيندي جنهن سان حادثي جو به امڪان گهٽ آهي.
اسان جي دور جو جيڪو وڏو سائنسي انقلاب آهي اهو آهي انٽرنيٽ ڇو ته انٽرنيٽ هڪ اهڙي دنيا ٺاهي ڇڏي آهي جنهن کي گلوبل وليج چيو وڃي ٿو معنيٰ دنيا جو رابطو ايئن ٿي چڪو آهي جيئن ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ اندر رهندڙ ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو هجي اسان جي آڏو مثال آهن ته اسان مان گهڻي قدر ماڻهو اهڙا هوندا جن جا سوشل ميڊيا جي زريعي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪي دوست هوندا جيڪي انهن سان روز انٽرنيٽ تي ڪچهريون ڪندا هوندا جڏهن ته هو هڪ ٻئي کان ايترو پري ويٺا آهن جو جيڪڏهن ملاقات ڪرڻ چاهين ته ٻه ٽي ڏينهن جهاز جي پنڌ ۾ به لڳي وڃن پر انٽرنيٽ جي وسيلي هو ڄڻ هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندڙ پاڙي سري آهن جيڪي هر وقت هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا.
ان بعد جيڪڏهن اسين ڪاروباري لحاظ کان ڏسون ٿا ته اسان کي نظر ايندو ته هنن انٽرنيٽ جي ترقي وارن سالن ۾ ڪاروبار به گهٽ ترقي ناهي ڪئي جنهن جو سبب به اهو تيز ۽ سولو رابطو آهي اڳ ڪاروباري ماڻهن کي هڪ پنو گهرائڻ لا۽ به هفتو کن انتظار ڪرڻو پوندو هو خاص ڪري جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪن سان ڪاروبار ڪن ٿا انهن لاءِ اهو وڏو مسئلو هيو ته هو ڪو هڪ دستاويز گهرائڻ لاءِ به کين ڏينهن جا ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو هو پر هاڻ اهو ڪم اي ميل جي زريعي منٽن اندر ٿي وڃي ٿو ان کان علاوه اوهان کي جيڪا شئي وٺڻي آهي ته ان جون دنيا ۾ مشهور ترين ڪمپنيون اوهان کي سولائي سان انٽرنيٽ تي ملي وڃن ٿيون ۽ اوهان سولائي سان آرڊر به اتي ڏئي سگهو ٿا مطلب ته اوهان جو ڪاروبار هاڻ انٽرنيٽ جي وسيلي ايترو سولو ٿي ويو آهي جو اوهان پنهنجو هر ڪم منٽن اندر ڪري سگهو ٿا.
ان بعد به انٽرنيٽ جي ترقي ماٺ نه ٿي آهي هاڻ ان ۾ هڪ نئين ٽئڪنالاجي جنهن کي هولو لينس (Hollow Lens ) چيو وڃي ٿو اها متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن سان اوهان پنهنجي ڪاروباري پلاننگ اهڙي نموني ڪري سگهندا جو اوهان پنهنجا مستقبل ۾ ٺهندڙ پراجيڪٽ حال ۾ ئي ڏسي سگهندا بلڪل ايئن جيئن ورچئل ريئلٽي (Virtual Reality) گيم ۾ اسين هڪ جاءِ تي ويٺي ئي پهاڙن ۽ سمونڊن مان گهمي ايندا آهيون انٽرنيٽ جي انهن انقلابي خاصيت سان گڏ ڇا اوهان کي خبر آهي ته انٽرنيٽ جي دنيا جو هڪ اهڙو پاسو به آهي جنهن سان انسان ذات کي فقط نقصان ئي ملي سگهي ٿو مطلب انٽرنيٽ جي دنيا جو اونداهو پاسو جنهن کي ڊارڪ ويب (Dark Web) چيو وڃي ٿو ۽ هي اهي ويب سائٽون آهن جيڪي اوهان کي ڪنهن به سرچ انجن ((Search Engine۾ نه ٿيون ملي سگهن اهي اهڙيون ويب سائٽون آهن جن کي ڪجهھ مخصوص ماڻهو مخصوص پاسورڊز سان ڏسي سگهن ٿا ۽ انهن ويب سائٽز لاءِ برائوزر (Browser) به مخصوص استعمال ٿين ٿا جيڪي عام طور استعمال نه ٿيندا آهن ۽ هنن ويب سائٽن زريعي دنيا ۾سڀين کان وڏيڪ ۽ سولائي سان منشيات ۽ هٿيارن جو ڪاروبار پيو ٿئي جنهن جي ڏيتي ليتي به ايتري ڳجهي آهي جو ان کي ڪائي رياست پڪڙي نه ٿي سگهي نه ئي انهن ماڻهن کي ڪنهن نه طرح ڳولهي ٿو سگهجي، چيو وڃي ٿو ته ان ويب سائٽن لاءِ عام طرح تي ماڻهو نه کنيا ويندا آهن پر ڪي مخصوص ۽ بي حد اعتماد جوڳا ماڻهو ان ڪم لاءِ رکيا وڃن ٿا جن کي لکين ڊالر هر ٽارگيٽ جي پوري ٿيڻ تي ملن پيا اهي به خبرون پيون آهن ته هڪ اندازي مطابق هنن ويب سائٽن زريعي اهي عير قانوني ۽ غير اخلاقي ڪم ڪرڻ وارن جي انگ ۾ 300 کان 500 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي پر اهي سڀ ماڻهو اڃا تائين ڳجها آهن ۽ سڄي دنيا ۾ اهي موجود آهن هر ملڪ ۾ هو پنهنجا اهي غير قانوني ڪاروبار انهن اهڙي ويب سائٽن زريعي ڪن پيا جيڪي ڪنهن به طرح پڪڙجي نه ٿيون سگهن ۽ انهن سڀين ڳالهين کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته انهن ويب سائٽن ۾ ڪجهھ اهڙا انسانيت کان ڪريل ڪم به ٿين پيا جيڪي عام ماڻهو جي سوچ کان به پري آهن جيئن ڪنهن انسان کي ايذاءُ ڏيڻ جي ويڊيو اهڙين ڳجهين ويب سائٽن تي هلائي وڃي ٿي لائيو ۽ ان سان گڏ آنلائن لائيو هدايتن ذريعي ماڻهن تي تشدد ڪيو ٿو وڃي جن جا لکين ڊالر تشدد جي ويڊيو رکڻ واري کي ملن ٿا.
ان ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ ڪرب ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪجھ اهڙيون خبرون پيون آهن جن سان اها ڳالهھ واضح ٿي آهي ته انهن ويب سائٽن تي ٻارن سان جنسي تشدد جون ويڊيو به هلن ٿيون جنهن سبب دنيا اندر ٻارن سان جنسي تشدد عام ٿيندو پيو وڃي ڇو ته اهڙيون ويڊيوز هلائڻ وارن کي لکين ڊالر ملن ٿا ۽ هو نه صرف جنسي تشدد ٿا ڪن پر ان سان گڏ هدايتون ملڻ تي هو ٻارن جي جنسي عضون تي ڇريون هلا.ئين ٿا انهن جون ڪرايون وغيره ڪٽين ٿا ۽ ان ڪم لاءِ ايران افغانستان ڀارت ۽ پاڪستان جا ٻار وڌيڪ استعمال پيا ٿين جيئن ڪجھه ڏينهن پهريان اسان جي ئي ملڪ اندر قصور ۾ ننڍڙي نياڻي زينب سان واقعو ٿيو، اهو واقعو به ان ئي عالمي ويب مافيا جي هڪ ڪڙي لڳي ٿو، بلڪل هڪ اهڙو ئي واقعو 2009 ۾ انڊيا ۾ ٿيو جنهن ۾ راڌا نالي ننڍڙي نياڻي سان جنسي تشدد ڪيو ويو ان سان گڏ ان جي جنسي عضوي ۽ ڪراين کي چاقونءَ سان ڪٽيو ويو ڪجهھ عرصو گذرڻ کان پوءِ انڊيا جي هڪ نوجوان هيڪر هڪ ڳجهي ويب سائٽ کي هيڪ ڪيو معنيٰ ان تي قابض ٿيو ته هن ڏٺو ته راڌا جي جنسي تشدد جي ويڊيو ان ويب سائٽ تي پئي هئي جنهن تي ان ئي تاريخ جو لائيو ٽيگ لڳل هو، مطلب ته اها ويڊيو ان ڏينهن لائيو نشر پئي ٿي جنهن ۾ راڌا سان هڪ کان وڌيڪ ڄڻن جنسي تشدد ڪيو، ان بعد هن جا عضوا به ڪٽيا ويا پر افسوس جو ان بعد به اصل ماڻهو هٿ نه آيا ۽ پوليس قاتل کي سيريل ڪلر قرار ڌنو ڇو ته ان ويب سائٽ واري چڪر ۾ گهڻا ئي اهڙا معزز نالا شامل هيا جن تي پوليس هٿ نه پئي وجهي سگهي.
جنهن وقت انٽرنيٽ پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪري پيو ته اسين اهو سوچي خوش ٿيون پيا ته دنيا ۾ ڪيڏو وڏو انقلاب پيو اچي پر ڇا ڪنهن اهو به سوچيو هوندو ته ان سان سماج ۾ اهڙيون اخلاقي ۽ سماجي برائيون پيدا ٿينديون جن جي باري ۾ ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هوندو پر اڄ اهي برائيون اسان جي معاشري م عام ٿينديون پيون وڃن ۽ جنسي تشدد جا واقعا به گهٽجڻ بجاءِ وڌندا پيا وڃن ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ به هڪ ٻار جو تشدد ڪيل لاش هٿ آيو آهي مان سمجهان ٿو ته دنيا جي انٽرنيٽ جي ماهرن کي ان بابت ضرور سوچڻ گهرجي ته هي ”ڊارڪ ويب سائٽون“ ڪيئن منظر عام تي آڻي سگهجن ٿيون ڇو ته ان برائي جو ان کان علاوه ٻيو ڪو حل ناهي ته هي ويب سائٽون ڳجهيون نه رهن عام ماڻهن جي پهڄ ۾ هجن انهن کي هر ڪو ڳولهي سگهي ته پوءِ هو اهڙا ڪم ڪري ئي نه سگهندا جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته دنيا جيڪا ترقي ڏي وڃي پئي وري هڪ اونداهي دور ۾ داخل ٿي ويندي جنهن جو ڪو به انت نه ٿيندو.
from Awami Awaz http://ift.tt/2scburv
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J
No comments:
Post a Comment