زاهد حسين
افغانستان ۾ دهشتگرد حملن جي تازي لهر، جنهن ۾ درزنين شهري مارجي ويا آهن، تنهن کي 16 سال پراڻي افغان جنگ جو انتهائي جنوني مرحلو سڏي سگهجي ٿو ۽ اهڙي صورتحال ۾ لڳي ٿو ته شدت پسندن جو من ويتر وڌي ويو آهي. شدت پسندي ۽ ويڙهه ۾ آيل واڌ آمريڪا جي افغانستان بابت نئين حڪمت عمليءَ بابت ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، نه رڳو اهو ته افغانستان جي راڄڌاني ۾ ايڏا وڏا حملا اڳ ۾ ڪڏهن به ناهن ٿيا پر انهن حملن جي شدت ۽ جهڙي ترتيب سان ٿي رهيا آهن، سي پڻ خطرناڪ آهن.
شدت پسندن خلاف آمريڪي حملن ۾ توڙي جو تيزي آئي آهي پر ان باوجود افغان راڄڌانيءَ اندر انتهائي اعليٰ سطحي سيڪيورٽي واري ريڊ زون ۾ هفتي اندر هڪ ٻئي پٺيان ٽن ڀيانڪ حملن مان شدت پسندن جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ سندن منظم ٿيڻ جو پتو پئي ٿو. شروعاتي ٻن حملن جي ذميواري ته افغان طالبان قبولي پر ٽئين حملي جي ذميواري وري داعش قبولي آهي. دهشتگرد هن جنگ کي هاڻي ملڪي گاديءَ واري هنڌ ڏانهن کڻي ويا آهن، حملن ۾ عام شهرين جي مارجڻ جو وڌندڙ تعداد پريشان ڪندڙ آهي.
انهن حملن مان ويڙهاڪن جي حڪمت عملي تبديل ٿيندي به نظر اچي ٿي ته جيئن هڪ ته وڌ ۾ وڌ علائقن جو قبضو به حاصل ڪجي ۽ افغانستان جي سيڪيورٽي فورسز جي اهليت ۽ صلاحيت ۾ ڏسجي، لڳي ايئن ٿو ته افغان طالبان ۽ داعش ڄڻ مقابلو ڪري رهيا هجن ته ڪنهن وڏا حملا ڪيا يا ڪنهن جا حملا وڌيڪ ڌماڪيدار ۽ خطرناڪ ثابت ٿيا، انهن حملن جي ڪري جيڪو خوف ۽ هراس پکڙجي رهيو آهي تنهن سان شدت پسندن جو افغان انتظاميا جي ڪمزور هئڻ جو تاثر ڏيڻ وارو مقصد پورو ٿي رهيو آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته افغانستان جي فوج وقت سان گڏ پنهنجون صلاحيتون به وڌايون آهن پر اها اڃا به اڪيلي سر اهڙي قسم جي منظم حملن ۽ وارداتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه ٿي رکي. ويڙهاڪن طرفان هر هر ٿيندڙن سان افغان سيڪيورٽي فورس جي نااهل هئڻ جي پت وائکي ٿي وئي آهي، داعش جي اڀري اچڻ سان وڏي تباهي آئي آهي ۽ جيڪي حملا ٿين ٿا تن ۾ عام ماڻهن جو وڏو تعداد نشانو بڻجي ٿو.
ويڙهاڪن جي تازن حملن کان پوءِ سندن خلاف آمريڪي هوائي حملن ۾ واڌ اچي وئي آهي، جنهن جي ڪري اهي ملڪ جي قبيلائي علائقن واري پنهنجي پنهنجي ٿاڪن ۽ ڳڙهه کان پٺتي ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن پر آمريڪي فوج شدت پسندي، روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڇو جو اها هاڻي گهڻ علائقن تائين پکڙجي وئي آهي. ويڙهه ۾ مورڳو سياري جي مند ۾ به ڪا گهٽتائي ڏسڻ ۾ ناهي آئي، ويڙهه ۽ ڪارروائين لاءِ سازگار مند ويجهو ايندو ئي صورتحال ويتر سنگين ٿيڻ جو انديشو آهي. جن علائقن ۾ شدت پسنداڻيون ڪارروايون ٿي رهيون آهن. اتي افغان انتظاميا جي ڪمزوري عملداري جي ڪري ويڙهاڪن جون ويتر وڌي ويو آهي.
انهن پرتشدد ڪارروائين تي آمريڪي سرڪار به اهڙو شديد رد عمل ڏيکاريو آهي جنهن جي توقع ڪئي ٿي وئي، چٽو نظر اچي رهيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي تيز ڪندي ڪابل ۾ ٿيل حملن کان پوءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي خطاب ڪندي وچن ڪيو هو ته هو افغان جنگ توڙ تائين پهچائيندو.
هن چيو ته هو ته جيئن ته ٻيو ڪير به افغان جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائي نه سگهيو پر اسان پهچائي ڏيکارينداسين. ٽرمپ جي سخت لب ۽ لهجي کان هٽي ڪري گذريل هڪ ڏهاڪي دوران افغان انتظاميا جا ڪيئي اڳواڻ ڪيئي ڀيرا ساڳي ڳالهه چئي چڪا آهن. انتهائي مشڪل آهي ته انڌاڌنڌ حملن ذريعي هن جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائجي.
ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ هن سمي طالبان سان ڳالهين جو امڪان رد ڪيو آهي. سو آمريڪا اڃا به فوجي فتح حاصل ڪرڻ واري حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي. جيڪا گذريل 16 سالن دوران کيس ڏيڍ لک زميني فوج افغانستان ۾ هئڻ باوجود حاصل ٿي نه سگهي آهي. اطلاع آهن ته تازن حملن کان پوءِ افغانستان ۾ وڌيڪ آمريڪي فوجي مقرر ڪيا ويندا. ان سان آمريڪا افغانستان جي ڳچي ۾ وڌيڪ ڦاسي سگهي ٿو. ايتري قدر جو آمريڪا جا اولهه جي ملڪن جا اتحادي به سندس فوج تي ڀاڙڻ واري حڪمت عملي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن.
بنا ڪنهن تعجب جي افغانستان اندر حملن ۾ واڌ کان پوءِ پاڪستان تي آمريڪي دٻاءُ وڌي ويو آهي، آمريڪا ۽ افغانستان، ٻنهي پاڪستان تي دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ڏيڻ جو الزام هنيو آهي، هنن افغانستان اندر قتل عام ۾ ملوث ويڙهاڪن کي سهولت مهيا ڪرڻ جو به پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسين تي الزام هنيو آهي. سڀ کان وڌيڪ پاڪستان خلاف سخت آمريڪي ڪارروائي جو مطالبو ڪندڙ ڀارت ۽ افغانستان جي ڳٺ جوڙ آهي.
چٽا اشارا ملي رهيا آهن ته ٽرمپ انتظاميا پاڪستان کي سوڙهو ڪرڻ ۽ ملڪ جي قبيلائي علائقن ۾ طالبان جي مبينا پناهه گاهن خلاف هوائي حملن لاءِ سندرا ساهي رهي آهي. ان جو چٽو مثال ڪرم ايجنسي جي افغان پناهگيرن جي ڪيمپ تي ٿيل حملو آهي، چيو ويو ته اها ڪيمپ حقاني نيٽ ورڪ طرفان پناهه گاهه طور استعمال ڪئي ٿي وئي، اهي امڪان به پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، آمريڪا پاڪستان خلاف معاشي ۽ فوجي امداد جي پابندين بابت ڪي سخت قدم کڻندو ۽ مالي ادارن تي پاڪستان جي مالي مدد بند ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو.
آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد اڳواٽ ئي بند ڪري چڪو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ملڪ کي دهشتگردن جي جنت به قرار ڏنو وڃي. يقيني طور اهي قدم ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن پر انهن سان شدت پسندن جي پناهه گاهن خلاف ڪارروائين ۽ مبينا پاڪستان ۾ ويهي ڪارروائيون ڪندڙ طالبان قيادت خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستان تي سفارتي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.
اهو سچ آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهيو آهي پر اسان جي سرحدي علائقن ۾ ڪجهه افغان شدت پسند گروهن جي پناهه وٺڻ جي الزامن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. اها به حقيقت آهي ته ڪيئي بندش پيل گروهه آزاديءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري اسان جو ڪيس ڪمزور ٿيو آهي ۽ اسان مظلوميت جي پٺيان پناهه وٺي نه ٿا سگهون.
رڳو آمريڪي دٻاءَ جي ڪري ئي نه پر پنهنجي سلامتيءَ جي مفاد ۾ به پنهنجو گهر صاف ڪرڻ اسان جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. ان کان علاوه افغانستان جو رڳو فوجي طاقت تي ڀاڙڻ ۽ افغان انتظاميا جي ڪمزور هئڻ ڪري به افغان بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، سو بحران جي ور چڙهيل هن ملڪ مان تشدد جي خاتمي لاءِ افغان سرڪار ۽ عالمي برادري سان تعاون خود اسان جي ئي مفاد ۾ آهي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2Emf1Z2
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J
No comments:
Post a Comment