Monday, February 5, 2018

قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي !!!

منان چانڊيو

هونئن ته پاڻ واري پياري پاڪستان ۽ خاص ڪري سونهاري سنڌ ۾ گذريل ڪيترين ئي ورهين کان وٺي دهشتگردي،خونريزي،اغوا ڪاري ۽ ٻين سماجي براين جي ڌم متل آھي،جنهن ۾ جيئن وقت گذرندو پيو وڃي تيئن واڌ ٿي رهي آھي پر هلندڙ سال جي پهرئين ميهني ۾ جيترا قتل ٿيا آھن اوترا شايد اڳ هڪ مهيني ۾ نه ٿيا هجن،اهڙن ڀيانڪ واقعن ۾ جتي معصوم ٻارڙن جا ڪمهلا ۽ غير فطري موت ٿيا آھن اتي وري ٻن ڌرين يا فردن جي جهيڙن، پوليس وارن هٿان بيگناھ ماڻھو مارجڻ توڙي ڀوتارن جي شرارتن ڪري ڪيترائي مظلوم ماڻھو قتل ٿيا آھن،انهن قتلن ۾ ڪٿي نه ڪٿي اسان جي حڪمرانن ۽ ان جي انتظامي عملدارن جي نااهلي ۽ ڪوتاهي نظر اچي ٿي،ڇوته ملڪي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ وقت جي سرڪار سندس ماتحت انظاميان جي ذميواري هوندي آھي،پر افسوس ته اهي ٻئي ڌريون پنهنجي ذميوارين کان غافل ۽ ڪاهل آھن، انڪري امن،انصاف ۽ انسانيت جا ويري جڏھن به جتي به چاهين قهري، بيدردي ۽ بي شرمائي واريون ڪارروايون ڪري هڪ طرف پنهنجو پاڻ کي قاتلن،دھشتگردن ۽ بي حيائن جي لسٽ ۾ سرفهرست رکندا پيا اچن،ته وري ٻئي پاسي ٻين جا گهر اُجاڙي ۽ انسانيت جي قدرن کي لڄائي ڇڏين ٿا،اهڙن دردناڪ قصن جا تمام ڊگها داستان آھن جن کي هڪ آرٽيڪل ۾ سمائي نٿو سگهجي.

ان ڪري اڄ ڪجهھ دردناڪ سانحن يا قتلن جي واقعن جو مختصر ذڪر ڪندا سين،جن مان هڪ صوفي شاعر بابا بلهي شاھ جي اباڻي آستاني قصور جي معصوم ٻارڙي زينب،ٻيو مٺي جي ٻن سڳن ڀائرن جو فورن هٿان قتل ٽيون ميهڙ جي  ٽن گهر ڀاتين جو ڀوتارن جي هشي تي قتل ٿيڻ، چوٿون ڪراچيءَ ۾ رائو انوار جي ظلمت جو نشانو بنيل نقيب الله واري دردڪٿا،سڀ کان پهريون عرض ته ڪيڏي نه وحشي پڻي ۽ جي ڳالھه آھي ته پنجاب جي شھر قصور ۾ هڪ بگهڙ صفت ماڻھو ستن سالن جي زينب جي پاڪ پوتر جسم کي پنهنجي خونخوار هٿن سان رانڀوٽا ڏئي جنسي هوس جو نشانو بنائي کيس گهٽا ڏئي ساھ جي تند ڇني هن جي نازڪ نفيس بيجان بدن کي گند جي ڍير تي اڇلائي انسانيت ۽ ماڻهپي جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا،ننڍڙي زينب جي اهڙي المناڪ موت تي ملڪ جي اعلي عدالت،فوج،حڪومت،سول سوسائٽي ۽ ميڊيا ڀرپور ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو،جنهنڪري دير يا سوير قاتل گرفتار ٿي ويو،هتي نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالهھ آھي ته اهو قاتل هڪ نوجوان نعت خوان هئو جنهن جي منهن تي سونهاري ۽ مٿي تي اڇو پٽڪو پهريل هيو،جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اهو همراھ باشريعت هيو،جيڪڏھن اهڙن خوبين وارن جو اهڙو حال ۽ ڪردار آھي ته پوءِ باقي ٻين عام ماڻھن لاءِ ڇاٿو چئي سگهجي،ٻي ڳالهھ ته زينب جي قاتل جي گرفتاري تي پنجاب جي وڏي وزير پوليس کي جس ڏيندي پريس ڪانفرنس دوران تاڙيون وڄايون جيڪو عمل هن کي نه پيو سونهين،جنهن تي مختلف ڌرين کان سواءِ خاص ڪري پ پ وارن ڇتي تنقيد ڪندي ڇا مان ڇا چوندا رهيا،پر کين اهو احساس ڪونه ٿيو ته سنڌ ۾ ڪيترين ئي زينبن جا قاتل آزاد گهمندا وتن پيا.۽ سنڌ جي زينب فضيلا سرڪي ساڍن ڏھن سالن کان وٺي پنهنجي ابي امڙ جي اکين کان اوجهل ڪن ظالمن جي قهري ڪوٽن ۾ قيد آھي.

پنجاب جي زينب جي افسوسناڪ واقعي تي جيترو به ڏک ڪجي اهو گهٽ آھي،ليڪن گهٽ ۾ گهٽ ان جي قاتل جي گرفتاري کان پوءِ اها اميد پيدا ٿي آھي ته قاتل ٽياس تي ٽنگبو،خير اهو مامرو پنجاب سرڪار جي گردن ۾ پيل آھي،پر سنڌ ۾ گذريل هڪ مهيني ۾ جيڪي بي گناھ انسان قتل ٿيا آھن انهن ته هزارين لکين انسانن کي نهوڙي وڌو آھي، ان ڪري جتي اهڙن غير فطري موتن  تي سنڌ جي ساڃاھ وند ڌرين ۽ فردن سخت احتجاج ڪندي مصيبت جي ماريل ماڻھن سان دلي ھمدردي ظاهر  ڪئي آھي اتي حڪومت ۽ ان جي انتظامي ادارن خاص ڪري پوليس جي ڪارڪردگي کي نديو آھي پر پوءِ به وس وارن جي ڪن تي جونءِ به ڪونه تي سري،هو پنهنجي ڪوتاهين ۽ سستين تي شرم ساري جو اظهار ڪرڻ بدران اهو چوندي فخر ٿا محسوس ڪن ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ سرڪار جا عوامي ڪارناما بهتر آھن،همراهن سنڌ واسين کي جيڪو رليف ڏنو آھي ۽ پٽڪا پارايا آھن، ان تي اعلي عدالتن جا مختلف وقتن تي ريمارڪس ميڊيا جي زينت بنبا رهيا آھن جن مان هو سبق حاصل ڪرڻ بجاءِ بيڊ گورننس کي اڃا به پروان چاڙهيندي اسي تي ڪانٽو رکي فل اسپيڊ وٺي بدامني،بدعنواني ۽ بد انتظامي طرف رنوان دوان آھن يارن جي اهڙين تيز رفتار بنا بريڪ جي جاري آھي، ان ڪري سنڌ واسي سنڌ جي حڪمرانن کان نوڪرين ترقياتي ڪمن ڪارن ۽ روزگار گهرڻ تان ڄڻ ته هٿ کڻي صرف ۽ صرف امن امان ۽ جيئندان جي خيرات پني رهيا آھن جيڪا به هنن کي پلئي ڪونه ٿي پئي.

بهرحال سنڌ ۾ گذريل مهيني مارئي جي ديس ۾ جيڪو امن  سڪون جو ديس پڻ سڏيو ويندو آھي، ان جي هڪ اهم شھر مٺي ۾ ٻن سڳن ڀائرن کان ڦورن لکين رپيا ڦر ڪري کين بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو جن جا قاتل اڃا تائين گرفتار ڪونه ٿيا آھن، جڏهن ته شروعات ۾ اهو چيو پئي ويو ته قاتل گرفتار ٿي چڪا آھن جن کي مناسب وقت تي پريس آڏو آندو ويندو،پر اهي دعوائون واري تي ليڪا يا پاڻيءَ جا ڦوٽا ثابت ٿيا،جتي مٺي واقعي تي سنڌ پوليس گپ ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهي آھي،اتي وري اڍائي هفتا اڳ ميهڙ شھر ۾ ٽن گهرڀاتين جي ناحق قتل ۾ ڄاڻايل ستن جوابدارن مان صرف ٻن پنهنجو پاڻ کي پوليس آڏو پيش ڪيو آھي،جڏھن ته ان قتل جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل چانڊيا قبيلي جي نواب ڀائرن جن کي مقتولن جا وارث مک جوبدار ڄاڻائن ٿا،انهن جو هن وقت تائين وار به ونگو ڪونه ٿي سگهيو آھي ۽ هو قهري واردات جي پهرين ڏينهن کان وٺي پوليس جي فل ۽ مڪمل پرٽوڪول ۾ سنڌ سرڪار جي وزيرن چونڊيل عيوضين ۽ پ پ جي اعلي قيادت سان گڏجي پريس ڪانفرنسون ڪندا پيا وتن،هتي اهم ڳالهھ اها پڻ آھي ته ميھڙ سانحي جو ڪيس دھشتگردي ڪورٽ جي حوالي ٿي چڪو آھي،جيڪا جوابدارن سان نرم رويو رکندي کين ضمانتن جي تاريخن مٿان تاريخون ڏيندي پئي اچي،حالانڪ ان ڪورٽ جو ڪم ئي ڪيس جي تڪڙو اڪلاءُ ڪرڻ هوندو آھي،پر ان جي ابتڙ ويهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به ڪيس جو مڪمل چالان پوليس ڪورٽ ۾ پيش ڪونه ڪيو آھي،جنهن مان ايئن پيو لڳي ته پوليس سنڌ حڪومت ۽ معذرت سان چوڻو پوي ٿو ته ڪورٽ به بااثر جوابدارن کي ڊگهو رسو ڏئي خود پنهنجي قانون ۽ قائدن جي نفي ڪري رهي آھي.

ميھڙ واقعو هڪ دھشتگردي آھي جنهن جي پويان مدي خارج سرداري سسٽم جو هٿ آھي،۽ ان سسٽم جي سرپرستي سنڌ حڪومت ۽ پ پ قيادت ڪري رهي آھي،مٺي ۽ ميھڙ سانحا پنهنجي جاءِ تي وڏا خطرناڪ آھن پر پوءِ به سنڌ سرڪار ۽ ملڪ جي عدليا ان کي غير سنجيدگي سان ڏسي رهيا آھن،ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيل نقيب الله محسود جي واقعي کي حڪومت توڙي عدالت سڳوري ھاءِ پروفائيل ڪيس طور کڻندي ايس ايس پي رائوانوار ۽ ان جي ٽيم کي ملوث قرار  ڏيندي سندس فوري گرفتاري توڙي نوڪريءَ تان بر طرفي جا حڪم جاري ڪيا، جن تي سواءِ رائو انوار جي گرفتاريءَ کان سواءِ عمل ٿي چڪو آھي،باقي جيستائين ڳالھ آھي رائوانوار جي پڪڙ ۾ نه اچڻ جي آهي ته ان پويان يا ته ملڪ جي اهم ادارن  انهن جي عملدارن ۽ سنڌ حڪومت ۽ ان جي ڪرتائن ڌرتائن جو شفقت وارو هٿ آھي يا ته هن کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو، يا کيس سليماني ٽوپي پاتل آھي،جو هو ملڪ ۾ هوندي به ڪنهن کي نظر ڪونه ٿو اچي،هتي هڪ ٻئي اهم ڳالهھ جو ذڪر به ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته سنڌ جي هڪ سنڌي صنعتڪار جو لاڏلو پٽ شاهه رخ جتوئي هڪ بي گناھ نوجوان شاهزيب پختون کي قتل ڪري ٿو ته قاتل جي گرفتاريءَ لاءِ ملڪ جا سمورا اهم ادارا ۽ سنڌ حڪوت تحرڪ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ قاتل کي ڪيئن به ۽ ڪٿان به ڪري گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڪورٽ فوري طورتي ڪيس جا سمورا مرحلا مڪمل ڪري قاتلن کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ٿي،حقيقت ۾ قاتل ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن پر کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ عدالتن جي اوليت  هئڻ گهرجي،پر ان اوليت ۾ خاص ۽ عام جو فرق نه هئڻ گهرجي،ٻي ڳالهھ ته جڏھن ملڪ جي قانون ۽ آئين ۽ شرعي طرح قصاص ديت تحت قاتل کي مقتول جا وارث معاف ڪري سگهن ٿا، ۽ اهڙن قائدن موجب مقتول شاهزيب جي والد پنهنجي ٻچڙي جو قتل قاتل ڌر کي معاف ڪري ڇڏيو، پر خبرناهي ته ملڪ ۽ شريعت جي ڪهڙن اصولن ۽ قائدن تحت ڪراچيءَ جي سول سوسائٽي جوش ۾ اچي ان ڪيس کي کڻي شاهه رخ ۽ ان ڏوهاري ساٿين کي هڪ ڀيرو ٻيهر جيل جي حوالي ڪرائي ڇڏيو،اسان اهو ڪونه ٿا چئون ته اصل قاتلن يا ڏوهارين کي ڇوٽ ڇڏيو وڃي ته هو وڃي ٻيا به قتل يا پاپ ڪن،پر سنڌ ۾ سنڌي قاتلن ۽ مقتولن سان هڪڙو رويو رکندي قانون ۽ غير سنڌي مقتولن جي قاتلن سان وري ٻيو ورتاءُ ڪيو وڃي، اسان آخر ۾ ملڪ جي واڳ ڌڻين اصل طاقتور قوتن توڙي عدليا کي نمائڻي گذارش ڪريون ٿا ته سڀني ملڪ واسين لاءِ هڪ ئي قانون ۽ انصاف هئڻ گهرجي.



from Awami Awaz http://ift.tt/2Ep5scd
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J

No comments:

Post a Comment