Monday, February 5, 2018

برطانيا ۾ ڪاري ناڻي سان بڻايل اثاثن خلاف ڪارروائي شروع

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير معمولي اختيارن جي تحت برطانيا ۾ موجود ڪاري ناڻي سان بڻايل ملڪيت خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. برطانيا جي حڪومت (ان ايڪسلپينڊ آرڊر) لاڳو ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي غير معمولي اختياري ڏئي ڇڏيا آهن جنهن جي تحت هو برطانيا ۾ موجود ڪاري ناڻي سان بڻايل ملڪيت خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪري سگندا. نئين قانون جو مقصد ڪرپٽ سياستدانن، وزيرن ۽ ٻين طرفان برطانيا کي محفوظ پناهه گاهه طور سمجهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ آهي جنهن ۾ ڏنڊ ۽ قيد به شامل آهي. ڄاڻايل آرڊر  موجب هاڻ اثاثن جا ملڪ آمدني جو ثبوت پيش ڪرڻ جا پابند هوندا.



from Awami Awaz http://ift.tt/2FKP1UB
via IFTTT http://ift.tt/2Ef1bb0

No comments:

Post a Comment