دوست حفيظ چنا
” اوهانکي جوتن جي ضرورت آهي“ مونکي احساس آهي اوهانجي گهرج جو، اوهانجي ضرورت ضرو پوري ٿيندي انشاءَ الله اوهانکي هتي جوتن جي فيڪٽري ٺهرائي ڏبي اتي اوهانجي روزگار جا ذريعا به پيدا ٿيندا، اهي تاريخي جملا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا لفظ هئا موچي گيٽ جي تاريخي جلسي ۾، موچي گيٽ جي گرائونڊ ۾ ڀٽو صاحب جي ان تاريخي جلسي ۾ ڪجهه مخالفن کيس جوتا ڏيکاريا هئا، ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ويزن رکندڙ سياستدان هو ۽ مخالفن جي ان عمل بعد سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪندي بنا ڪو غصو ڏيکارڻ جي انهن کي چيو هو ته مان اوهانجي ڊمانڊ پوري ڪندس هتي جوتن جي فيڪٽري جي ضرورت آهي، اڄ موچي گيٽ جي علائقي ۾ گهر گهر هڪ فيڪٽري آهي ۽ موچي گيٽ جو ڪاروباري علائقو ايشيا جي وڏي ۾ وڏي جوتن جي منڊي آهي.
تاريخي لحاظ کان لاهور جو موچي گيٽ وارو گرائونڊ ڪنهن دور ۾ وڏين وڏين سياسي تحريڪن جي جلسن ۽ احتجاجن جو مرڪز رهيو آهي، موچي گيٽ پراڻي لاهور جنهن کي وال سٽي سڏيو وڃي ٿو، موچي گيٽ وال سٽي جي انهن 13 گيٽن مان هڪ گيٽ آهي جنهن کي مغل شهنشاهه اورنگزيب جي حڪومتي دور ۾ اڏيو ويو، جنهن جي آسپاس بادام جو وڏو باغ به هو شروعاتي دور ۾ هي سمورو علائقو موچي باغ جي نالي سان مشهور هو، موچي باغ جي گرائونڊ ۾ هڪ ڀت هئي جنهن تي بيهي سياسي ليڊر خطاب ڪندا هئا ۽ 1980 تائين اهو مشهور هو ته جيستائين ڪو سياسي ليڊر موچي باغ جي گرائونڊ ۾ خطاب نه ڪندو تيسيتائين ان جي سياسي بصيرت ۾ اها نمڪيات پيدا نه ٿيندي.
قائداعظم کان وٺي بينظير ڀٽو ۽ هاڻي آصف زرداري ان موچي گيٽ جي گرائونڊ تي خطاب ڪيو، موجوده صورتحال اها آهي ته موچي گيٽ جي ان گرائونڊ جي آسپاس نه ته بادام جو باغ آهي ۽ نه ئي گرائونڊ جي اها شڪل رهي آ، هي گرائونڊ جوتا مارڪيٽ جي پارڪنگ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب اهو گرائونڊ اصل شڪل وڃائي چڪو آهي.
پر گذريل ڏينهن موچي گيٽ تان بيهي پيپلز پارٽي تخت لاهور جو سياسي گهيراءُ ڪيو، اهو جلسو ن ليگ جي سياسي ڳڙھ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ عوامي طاقت جو وڏو مظاهرو چئي سگهجي ٿو، لاهور جي تاريخي مقام موچي گيٽ ۽ ن ليگ جي گهر ۾ جتي صوبائي حڪومت به ان جي هجي عوامي طاقت جو اهو مظاهرو ڪيترو ڪامياب ٿيو اهو سياسي مبصر ۽ پنڊت ته پنهنجي پنهنجي طور واضح ڪندا، پر پنجاب ۾ جتي پيپلز پارٽي جو وجود ختم ٿيندي نظر پئي آيو اتي ڪالهو ڪو جلسو ڪامياب تصور ڪري سگهجي ٿو ۽ زرداري شير جي سيني ۾ تير ضرور هنيو آ، ۽ موچي گيٽ جي جلسي ۾ آصف ذرداري خطاب ۾ نوازشريف تي تنقيد جا تير به وسايا ۽ آئينده جو پلان به ڏنو، ذرداري نوازشريف کي “مجهي ڪيون نڪالا” واري سوال جو جواب به ان کي انجي گهر اچي ڏنو ته ميان صاحب 70 سالن ۾ ملڪ ايترو قرضن ۾ نه ڦاٿو جيترو گذريل 3 ، 4 سالن ۾ تو ملڪ کي ڦاسائي ڇڏيو آ، ته پوءِ تو کي ڪڍيو نه وڃي ته ٻيو ڇا ڪيو وڃي، آصف ذرداري ميان نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب تون قوم جو چور آهين، عوام جو ڇور آهين، مزردور جو چور آهين ۽ هارين جو چور آهين ان ڪري تو کي نيڪالي ڏني وئي، آصف ذرداري اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ بلاول سان گڏ آصفه ڀٽو به ايوان ۾ ايندي.
بحرحال پيپلز پارٽي پنجاب ، پنجاب جي دل لاهور ۾ سينٽ ۽ عام چونڊن کان اڳ ان طرح جو جلسو سياسي لحاظ کان پيپلز پارٽي لاءِ سٺو سوڻ ثابت ٿي سگهي ٿو، ٻه ڏينهن اڳ ميان نواز شريف طرفان عمران خان جي ڳڙھ ۾ ڪامياب جلسي بعد ذرداري صاحب طرفان انجو جواب تصور ڪري سگهجي ٿو، هاڻي ڏسجي ته اهو عوامي طاقت جو مظاهرو ووٽ جي طاقت ثابت ٿيندو يا نه بحرحال نواز شريف جي عدليه ۽ ادارن سان ٽڪراءُ زرداري لاءِ فائدمند ثابت ٿئي پئي.
from Awami Awaz http://ift.tt/2scfXdO
via IFTTT http://ift.tt/eA8V8J
No comments:
Post a Comment