Monday, February 5, 2018

ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ، ڀارتي ڊپٽي ڪمشنر پرڏيهي کاتي طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر  کي پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۽ 2 شهرين جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري گذريل ڏينهن ايل او سي جي نيزه پير، نڪيال ۽ ڪريلا سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل 2 مقامي شهرين جي شهادت تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ سيز فائر جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط به ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر  جي حوالي ڪيو ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل خط ۾ چيو ته ڀارت طرفان هلندڙ سال ۾ هن وقت تائين 190 ڀير  ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 13 معصوم شهري ۽ 65 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن،. گذريل ڏينهن به ڀارتي سيڪيورٽي فورسز بنا سبب فائرنگ ڪري نيزه پير، نڪيال ۽ ڪريلا سيڪٽر ۾ 2 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.



from Awami Awaz http://ift.tt/2nAus6E
via IFTTT http://ift.tt/2BXMrId

No comments:

Post a Comment